پلي، محمد امين، خليفو: شاعر ۽ محقق محمد امين پليءَ جو اصل نالو محمد قابل آهي، هن 9 سيپٽمبر 1907ع تي خليفي محمد ڇٽل جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍي عمر ۾ ئي والد وفات ڪري ويس، ان ڪري هڪ ايمي قرآن مجيد ۽ پنج سبق سنڌي ٻاراڻي کان وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. ننڍپڻ کان ئي سندس شوق ميلا، ملاکڙا، گهمڻ ۽ نڙائي، سرندائي، ڪافين ۽ يڪتاري وارا ڳائڻا ٻڌڻ جو شوق هو. جوانيءَ ۾ کيس ڪو اهڙو واقعو پيش آيو، جو پڙهڻ جو ارادو ڪيائين، اول سنڌيءَ خوب پڙهيائين ۽ پوءِ اردو به پڙهيـائيـن. ڪجهه وقت بعد جڏهن سنڌي ۽ اردو لکڻ ۽ پڙهڻ جـي قـابـل ٿيو ته پوءِ شعر به لکيائين، جيڪي پوءِ محمد هاشم ’مخلص‘، ’خليق‘ مورائي، نور محمد نظاماڻي ۽ مولانا ’وفائيءَ‘ کان اصلاح ڪرائيندو هو. شاعريءَ ۾ تخلص ’درس‘ استعمال ڪيائين ۽ ڪنيت ’ابو شير‘. سندس وڏي لائبرري هئي، ڪيترا ناياب ڪتاب هوندا هئس، سنڌ جا ڪيترائي محقق سندس لائبريريءَ مان مستفيض ٿيندا هئا. خليفي صاحب ڪجهه ڪتاب به لکيا، جن ۾ ’ديوان درس‘ (شاعريءَ جو ديوان)، ’فرس نامو‘ (گهوڙن بابت نظم)، ’فتح نامو اسلام‘ (جنهن ۾ پاڻ سڳورن صلعم جي هجرت کان وٺي جنگ بدر، احـد، خنـدق، واقع بيـرالالـم، شهـادت ابـن جناب تائين مواد)،’واقعات عالم‘ (جنهن ۾ اوراق پـارينا جا گهڻا واقعا لکيل)، ’حيات جمال الدين‘، ’سوز سسئي‘، ’اخلاق پسنديده‘، ’يادگيريون‘، ’پلـي ذات جـو نسل‘، ’شاهنامو اسلم‘، ’هـاشمـي مهاجر‘، ’انشاءِ درس‘ (سندس خط) شامل آهن.