پلي نمرو

پلي، نمرو: نمرو ولد رحيمڏنو پلي، شاعر ابن شاعر هو. هي ٽالپرن جي دؤر جو مشھور شاعر هو. سندس بيتن ۾ سر مارئي، سر سهڻي، سر رامڪلي وغيرہ جا بيت لڀن ٿا، جن جي ٻولي سلوڻي ۽ وڻندڙ آهي ۽ انهن ۾ تجنيس حرفي ۽ معنوي خوبيون موجود آهن. هن بيتن ۾ پنهنجو نالو بہ تجنيس حرفيءَ سان ڪم آندو آهي. جيئن: ’نوڻين ۾ نمرو چئي‘، ’نينم ٿا نمرو چئي‘، ’انهيءَ پر پلي چئي‘، ’پلي چئي پرندا‘ وغيرہ. منظر نگاري هن جي شاعري جي خاص خوبي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو