پلڙا

پَلڙَا (Acacia Pods): ٻَٻَر جي وڻ جون ڦَريون. انهن ڦرين ۾ اندر ”ٻٻر“ جو ٻج چيچڪن جي صورت ۾ هوندو آهي. سُڪل توڙي آلا پلڙا چوپايو مال، ٻڪريون، رڍون، ڳئون، مينهون ۽ اُٺ چاھہ سان کائيندا آهن. پلڙن جو ٻج (چيچڪا) عورتون ڪارا وار ڪرڻ لاءِ مٿي ۾ بہ وجهنديون آهن. پلڙن ۾ خاص قسم جي رس ٿيندي آهي، جيڪو جانورن جي کَلُن صاف ڪرڻ ۽ رڱڻ ۾ ڪم ايندو آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ بہ پلڙن جو ذڪر آهي:
ڪنڊيءَ نہ سڱري، ٻٻر نہ پلڙو،
سائو نہ سلڙو، ڇانگو نہ ڇيلڙا،
مارو اڪيلڙا!


لفظ پلڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو