پنائي، مبين: مشهور شاعر مبين پنائيءَ جو اصل نالو عبدالمبين ولد محمد حسن جمالي هو. هو بدين ضلعي جي پني ڳوٺ ۾ 19 جنوري 1935ع تي ڄائو. سنڌي فائنل تائين تعليم پرايائين. ان بعد پرائمري استاد مقرر ٿيو، سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ’جذبات پنائي‘ ۽ ’ڪُسان هِن قيد ۾ ڪيسين‘ ڇپيل آهن. هن عوامي شاعر 2 نومبر 2004ع تي وفات ڪئي.
1935.01.19 عيسوي
مشهور شاعر مبين پنائي بدين ضلعي جي پني ڳوٺ ۾ 19 جنوري 1935ع تي ڄائو. هن عوامي شاعر 2 نومبر 2004ع تي وفات ڪئي.