پنجابي مشرقي

پنجابي مشرقي (Panjabi, Eastern) (ٻولي): پنجابي گرمکي ۽ گرمکي هن ٻوليءَ جي لکت جا قسم آهن. اصلي پنجابي، ماجهي، دوآب، ڀٽي، پٽنري، پواڌي، مالوا، باٽي (Bathi) جي نالن سان بہ سڃاتي وڃي ٿي. مغربي پنجابي، مشرقي پنجابيءَ کان ڪجهہ مختلف آهي. هن ٻوليءَ جو لهجو مغربي هنديءَ کي ويجهو آهي. ڀٽيانه پنجابي ۽ راجسٿاني لهجن جو گاڏڙ لهجو آهي. هندوستان جي پنجاب، گرداسپور ۽ امرتسر ضلعن ۾، ڀٽيانه، ڏکڻ فيروز پور ضلعي ۾، راجسٿان، هريانه، دهلي، ڄمون ڪشمير کان سواءِ بنگلاديش، ڪيناڊا، فجي، ڪينيا، ملائيشيا، آمريڪا، برطانيا، عرب امارات وغيرہ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. سال 2000ع جي رپورٽ موجب هن ٻوليءَ جا 1022000 ڳالهائڻ وارا هندوستان ۾ ۽ ڪل ڳالهائڻ وارا 1042000 موجود هئا. پاڪستان ۾ لاهور ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هند- يورپي، هند- ايراني، هند آريائي وچين خطي جي پنجابي ٻولين جي شاخ مان آهي. هندستان ۾ هيءَ ٻولي گرمکي لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي ۽ پاڪستان ۾ عربي فارسيءَ مان ٺاهيل خط ۾ لکجي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو