پنجابي مغربي ٻولي

پنجابي مغربي (Punjabi, Western) (ٻولي): هن ٻوليءَ کي لهندا، لنڊا، لهندي بہ چيو ويندو آهي. مغربي ۽ مشرقي پنجابيءَ جي لهجن ۾ ٿورو فرق آهي. هن جا ڪيترائي لهجا آهن، انهن ۾ هندوستاني پنجابي ۽ سينٽرل پنجاب جي پنجابي شامل نہ آهي. ملوئي، هيءَ ٻولي فيروزپور ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. جالندڙ، هوشيارپور ۽ ڪپور ٿلا واري لهجي کي دوآبي لهجو بہ چوندا آهن. پواڌ خطي واري لهجي تي باگڙي ٻوليءَ جو اثر آهي. انور بيگ اعواڻ لکيو آهي تہ آرين جي اچڻ کان اڳ پنجاب جي هن خطي ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، ان کي پنجابي چوندا آهن. هن جي وجود جا ثبوت هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي تھذيب ۾ ملن ٿا. پنجاب يونيورسٽي (پٽنا) پنجابي ٻوليءَ جا هيٺيان لهجا لکيا آهن. جيڪي برصغير ۾ ڳالهايا وڃن ٿا: پٽياڻي (Phathiani)، ملتاني، راٺي (Rathi)، بهاولپوري، مالوج (Malwaj)،ٿلوچري ,(Thalochri) پواڌي، ٿلهي (Thali) پهاڙي، ڪچي، ڪانگري (Kangri)، اوان ڪاري (Awankari)، چمبيلو، دوآبي، امرتسري، لاهوري، ڌاني: هي لهجو چڪوال ۽ ڪئملپور جي ڪن حصن ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. هن لاءِ انور بيگ اعواڻ لکيو آهي تہ ڌاني ٻولي صدين جو سفر طئي ڪري، دراوڙي مان لهندي زبان جي پنجابي روپ ۾ ظاهر ٿي آهي، ڊوگري، گهيبي (Ghebi) وجيرا وادي (Wajeerawadi) هندڪو، باردي ٻولي (Baardi Boli) سوان (Swaen) جهنگلي، مالهي: لاهور ۽ سيالڪوٽ واري لهجي کي ماجهي چوندا آهن. هيءَ پنجاب جي درسي ٻوليءَ طور ڪم ايندي آهي، پوٺوهاري، جتڪي، ڇاڇي، چينواري (Chenaveri) ۽ شاهپوري. هيءُ لهجو جهنگ، سرگوڌا جي ڪن علائقن ۾ ڳالهايو ويندو آهي. هن کي جهنگلي بہ چوندا آهن ۽ ڪجهہ ٻيا بہ آهن. ڊوگري ۽ هندڪو، لهندا وغيرہ الڳ ٻوليون آهن. هندوستان جي پنجاب ۽ چنديگر جي سرڪاري ٻولي آهي. ان کان علاوہ هريانه ۽ دهليءَ جي ٻيو نمبر سرڪاري ٻوليءَ جو درجو رکي ٿي. پنجاب صوبي پاڪستان کان علاوہ آمريڪا، برطانيا، آسٽريليا ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. سکن جي خاص ٻولي آهي جو سندن مذهبي مواد هن ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. هند- يورپي، هند- ايراني، هند- آريائي پنجابي ٻولين جي نک مان آهي. هندوستان ۾ هيءَ ٻولي هاڻي گرمکيءَ ۾ ۽ پاڪستان ۾ عربي فارسيءَ لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي. سرگريئرسن پنجابيءَ کي مغربي ۽ مشرقي پنجابيءَ ۾ ورهايو آهي. هڪ الهندي يا لهندي ۽ ٻي مشرقي. ڪن پنجابي عالمن پاران اها ورهاست اڃا قبول نہ ڪئي وئي آهي، جو لهندا الڳ زبان آهي. وچ پنجاب ۾ لهجو ماجهي جيڪو هندوستان پاڪستان ۾ ڳالهايو وڃي ٿو، اهو معياري ليکجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو