پنجابي، ميرپوري (Panjabi Mirpuri) (ٻولي): هن ٻوليءَ کي ميرپوري (Mirpuri) پڻ چيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ هي مغربي پنجابيءَ سان ملندڙ جلندڙ لهجو آهي، پر پوءِ بہ هن جي پنھنجي الڳ حيثيت آهي. ڪشمير، ميرپور وارو علائقو آهي، جيڪو پاڪستاني سرحدن سان لڳندڙ آهي. ان علائقي ۾ ڳالهائي ويندي آهي. سال 2000ع جي رپورٽ موجب هن ٻوليءَ جا 1002000 ڳالهائڻ وارا موجود هئا. هند- يورپي، هند- ايراني، هند- آريائي اتر- الهندي خطي جي لهندا ٻولين جي خاندان مان آهي.