پنجاتلي ترائي: پنجاتلي ترائي عمرڪوٽ شھر کان لڳ ڀڳ ٽي ڪلوميٽر اوڀر طرف ڀٽن جي وچ ۾ لڳ ڀڳ ٻن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي. وسڪاري جي مُند ۾ منجهس ٻہ ٽي مهينا پاڻي رهي ٿو. عمرڪوٽ جا هندو جنم اسٽميءَ جي ڏهاڙي ڪانهوڙو (ڪرشن ڀڳوان جو بت) ٺاهي رسمون ادا ڪرڻ کان پوءِ هن ترائيءَ ۾ وڃي ان کي نذر آب ڪندا آهن. هن ترائيءَ جي ڪناري تي هڪ ولي ڪنڊو فقير پڻ آرامي آهي. جتي ماڻهو باسون باسيندا آهن.