پنجل جو پيغام (ڪتاب): هي ڪتاب سگهڙ فقير استاد محمد پنجل شيخ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن کي سندس شاگرد سگهڙ فقير محمد قاسم ڪلوڙ ترتيب ڏنو آهي، هن ڪتاب ۾ محمد پنجل شيخ جي پيش لفظ کان علاوہ حاڪم گل مهر، مھر حفيظ عالم ’راهي‘، خان سهاڳ'>احمد خان سهاڳ، محمد اسماعيل بروهي، ساگر محمد حسين مھر ۽ سگهڙ فقير محمد قاسم ڪلوڙ جا تاثر شامل آهن. 156 صفحن تي مشتمل، رنگين ۽ پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 100 رپيا آهي. هي ڪتاب 2007ع ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي سنڌ سگهڙ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ انسٽيٽيوٽ ڪراچي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو.