پنجل مير بحر (ملھہ پهلوان): پهرئين جوڙ جو مشھور ملھہ پهلوان پنجل ولد رب ڏنو مير بحر 1904ع ڌاري ڳوٺ دادلوءِ تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. محمد پنجل نهايت سگهارو ۽ قدآور جوان هو. بُتَ جو سهڻو، رنگ جو ڀورو، چاپئين ڏاڙهي ۽ شهپر رکندو هو. پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ ڊگهي قد هئڻ ڪري ٿورو جهڪيل نظر ايندو هو. هيءُ ملھہ پهلوان 1940ع تائين ملھہ وڙهندو رهيو. سندس مقابلا اڪثر پهرئين جوڙ جي مشھور اترادي ملھہ پهلوانن سان ٿيندا هئا. ان دؤر جي مشھور ملھہ پهلوانن: حبيب مير بحر، عاقل محمد، گل محمد لنجار ۽ گوشو ميتلي وغيرہ سان ٿيندا هئا. اڪثر مقابلا طاقت جي زور تي کٽي ويندو هو. چار سوتي لوهي سيخ ٻانهن تي مروڙي ويندو هو، سڪي تي اُڪريل اکر بہ چپٽيءَ جي زور سان ميساري ويندو هو. هي گل حسن خان ڌاريجي اول جو پهلوان هو. علائقي جو زميندار خان محمد خان چاچڙ ملھہ پهلوانن کي پاڻ وٽ رهائيندو هو، جنهن کيس سوکڙيءَ طور هڪ ڀلو ڏاند ڪاهي ڏنو. پهرئين جوڙ جو هي ملھہ پهلوان 7 آگسٽ 1975ع تي وفات ڪري ويو.