پنجن سنڌي نظمن جو مجموعو

پنجن سنڌي نظمن جو مجموعو (قلمي نسخو): برٽش ميوزيم ۾ موجود هن قلمي نسخي ۾ مختلف عنوانن تي پنج نظم گڏ ڪتابت ڪيل آهن. داخلا نمر 6533:OR: ڪل ورق 127، ڊيگهہ پوڻا 8 انچ، ويڪر سوا 4 انچ، هر صفحي تي 11 سٽون تختي 3 انچ.
ارڙهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ لکيل هن جلد ۾ مواد جي جدا جدا ڪيفيت هن ريت آهي:
(الف) شان رسول ڪريم صلي عليہ وسلم
هي مختصر نظم، ورق 1 کان شروع ٿي ورق 10 تي ختم ٿئي ٿو:
ساراهجي سو ڌڻي، جنهن اُپايا اَڀ،
ساراھہ سلطان جي، خلق ساراهي سڀ
(ب) پيغمبر اسلام جي پيدائش:هي نظم ورق 31 کان ورق 46 تائين آهي. ابتدا هن ريت آهي:
ساراهـجي سـو ڌڻـي، جـو قـادر ۽ قـديــم،
خالق رازق سڀن جــو، رحـمـٰن ۽ رحـيـم،
رحـمـت رهـجـي دائـمـا، اپــر اُت ڪـثيــر،
وسي واسي ميہ جيئن، مٿي محمــد مـيـر.
(ت) رسول ڪريم صلي عليہ وآله وسلم ۽ بيبي خديجہ رضي عنہ جي شادي: هن مختصر ڪتابڙي ۾ ورق 48 کان ورق 102 تائين حضرت محمد صلي عليہ وآله وسلم ۽ بيبي خديجہ سڳوريءَ جي شاديءَ جي واقعي کي منظوم بيان هيٺ آندو ويو آهي. ابتدا هن ريت ملي ٿي:
...... پـاتشاھہ وڏي ڌيءُ هئي،
صفت سونهن حسن سين خلق ذات ڌي،
پئي پڻ هئس پاتشاھہ سدر سلطنت،
ڪي پڻ چون غني ۽ جهجي مال کرت.
(ث) جمجمه بادشاھہ جو قصو: هي قصو مخطوطيءَ جي ورق 103 کان شروع ٿي ورق 110 تي پورو ٿئي ٿو. قصي جي ابتدا هن ريت ٿئي ٿي:
ساراهجي سو ڌڻي، جو سڀني سا
اپـائي ۽ کــپـائـي لـهـي سـڀن ....
صـفـن جي سبحان جي آهين ڌي ڌراءِ،
ڪارساز و صانع و ارض و سماءُ.
(ج) شهادت علي اڪبر: ورق 111 کان ورق 127 تائين ، شھزادي علي اڪبر رضہ پٽ امام حسين رضہ جي شهادت جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
واکـــر ورائـــي موٽـيـــو تهـــان پــوءِ سـالار،
آب آرتـــي ڪــاڏهــون اوتـيــاءَ اپـــار،
اميــر عـلي اڪـبر نگــر تهـن هـن منجهــان.
پيرين پئو امام حســين کي موڪل گهرياءِ مھا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو