پنجه صاحب گردوارو

پنجه صاحب گردوارو

پنجه صاحب گردوار

پنجه صاحب گردوار: هيءُ سکن جي اهم مقدس جڳهين مان هڪ مکيہ عبادتگاھہ آهي. سک ڌرم جي پوئلڳن جو عقيدو آهي تہ هن جاءِ تي موجود ٽڪريءَ تي گرو نانڪ آيو هو ۽ هتي سندس هٿن جا نشان بہ آهن ۽ سندن عقيدو آهي تہ هن جڳھہ تي 1578 وڪرمي سنبت بمطابق 1521ع ڌاري شري گرونانڪ ڀائي مردانا سان گڏ ويساک مهيني ۾ پهتو ۽ هڪ ٿڌي وڻ هيٺ چؤڌاري ويٺل پنهنجن عقيدتمندن جي وچ ۾”ڪـيــرتـن“ ڪيو. ان دؤران گـرونـانـڪ عقيدتمندن لاءِ هڪ چشمي مان قنڌاري نــالـي شـخـص کـان پاڻيءَ جي گهر ڪئي، پر هن ڀائي مرداني کي ٽيـئي ڀـيــرا انڪــار ڪندي وراڻيو تہ ”ان کان ڇو نہ ٿا گهرو، جـنهـن جـي اوهـيــن خدمت چاڪري پيا ڪريو“. ان کان سواءِ هيءَ روايت بہ مشھور آهي تہ ولي قنڌاريءَ جي اهڙي انڪار تي گرونانڪ پنھنجي ڪرامت سان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تان هڪ وڏو پٿر هٽايو ۽ هڪ شفاف پاڻيءَ جو چشمو جاري ڪيو ۽ ان هٽايل پٿر تي گروءَ جي هٿن جا نشان ٺھي بيٺا. اهڙي وارتا ڏسي ولي قنڌاري پڻ گروءَ جي عقيدتمندن ۾ شامل ٿي ويو. اهو ئي سبب آهي جو سکن لاءِ گرونانگ جي هٿن جي نشانن واري هيءَ جاءِ انتهائي مقدس ليکي وڃي ٿي، جنهن کي سکن جو اهم مرڪز چئي سگهجي ٿو. هيءُ مقام راولپنڊي کان 48 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي حسن ابدال ۾ آهي. هتي هر سال هڪ وڏو ميلو لڳي ٿو ۽ پوري دنيا مان هزارين عقيدتمند اچي حاضري ڀرين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو