پنجوڙ (شاعريءَ جي صنف): پنجوڙ جي لفظي معنيٰ آهي: شڪار لاءِ استعمال ٿيندڙ مضبوط شڪنجو. هن صنف جي سمورين سٽن ۾ خيال جو شڪار مڪمل طور ڦاسي وڃي ٿو:
پنج + جوڙ = يعني پنجن ئي سٽن جو جوڙ.
پنجوڙ جي پهرين ۽ پوئين (پنجن) سٽن جو وزن باقي ٽن سٽن جي اڌ برابر ٿئي ٿو. اهي پاڻ ۾ هم قافيه آهن. باقي وچ واريون ٽي سٽون (جيڪي پهرين ۽ پنجين سٽ کان وزن ۾ ٻيڻيون آهن) پاڻ ۾ هڪ ٽهِ سٽو آهن. پنجوڙ جو وزن پهرين ۽ آخري پنجين سٽ لڳ ڀڳ اٺن ماترائن ۽ وچيون ٽي سٽون وزن ۾ ٻيڻيون يعنيٰ 16 ماترائن برابر تي لکڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو. هيءَ صنف 2002ع ۾تجرباتي طور نوجوان شاعر ۽ صحافي مجيب ناريجي متعارف ڪرائي. هن صنف ۾ گيت، غزل، وائي، نظم، آزاد نظم ۽ پنجڪڙي جهڙو ساءُ ملي ٿو: ”پنجوڙ“ نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
سنڀار تنهنجي!
رباب وانگر وڄي رهي آ،
خمار ئي بس خمار آهي،
شراب وانگر لڳي رهي آ.
تنوار تنهنجي
(مجيب ناريجو)