پنجُو باغ (ڳوٺ): هيءُ ڳوٺ گهوٽڪيءَ کان اولھہ اتر طرف اٽڪل اڍائي ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ديھہ باقرو، تپو حسين ٻيلي تعلقي گهوٽڪي ۾ آهي. هن ڳوٺ تي اهو نالو گهوٽا ذات جي ماڻهن پنجو ۽ باغ جي نالن پٺيان پيو. انهيءَ جاءِ تي جتي هينئر اهو ڳوٺ آباد آهي اُتي اڳ ۾ جهنگ هوندو هو. پنجو ۽ باغ جيڪي ڌنار هئا ۽ مال چاريندا هئا تن درياھہ جي ليٽ سبب انهيءَ هنڌ مال لاءِ لانڍي ٺاهي هئي پوءِ آهستي آهستي جهنگ صاف ڪري ڳوٺ ٻڌبو ويو. ڳوٺ پنجو باغ جي آسائش لاءِ سروي 23 ۾ بہ هن وقت چڱو ڳوٺ ٻڌجي ويو آهي. جتي گهوٽا ۽ ملڪ برادري جا ماڻهو رهن ٿا. هيءُ ڳوٺ يارهين صدي هجري ۾ وجود ۾ آيو. هتان جي ماڻهن جو ڌنڌو زراعت ۽ مال چارڻ آهي. ڪجهہ ماڻهو سرڪاري نوڪري بہ ڪن ٿا. هتي گورنمينٽ (بوائز) پرائمري اسڪول بہ آهي. ڳوٺ جي آبادي اندازً سٺ گهرن تي مشتمل آهي. باقر خان گهوٽو جنهن جي نالي پٺيان ديھہ باقرو آهي، ان جي اولاد مان ڳوٺ ۽ ديھہ جا زميندار آهن ۽ هتي ئي رهائش پذير آهن. باقر خان جي اولاد مان فقير الهوڌايو خان گهوٽو هڪ اهلِ علم ۽ درويش صفت انسان اڄ بہ حيات آهي. هتي ٻہ ديني مدرسا بہ آهن، جتي ناظره ۽ حفظ جي تعليم ڏني ويندي آهي.