
پنجين موسم کان پوءِ
پنجين موسم کان پوءِ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب، ناليواري ڪهاڻيڪار طارق قريشيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ’پنجين موسم کان پوءِ‘، ’جيون جيئن آهي، تيئن ناهي‘ ۽ ’ابــدال‘ سميت ڪل ڏھہ ڪهاڻيون شامل آهن، ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ پاڻ تفصيل سان لکيو آهي، جنهن ۾ هن پنھنجي پيار ڪهاڻي ۽ ٻاروتڻ، سندس والد جي نوڪري ۽ ان کان پوءِ پاڻ مٿان آيل ذميوارين ۽ مجبورين جو احوال ڏنو آهي، جڏهن تہ پبلشر پاران نوٽ يوسف سنڌي لکيو آهي. سچائي اشاعت گهر دڙي پاران 1993ع ۾ شايع ڪرايل هن مجموعي ۾ ڪل 128 صفحا آهن، جڏهن تہ پڪي جلد واري هن ڪتاب جو ملھہ 60 رپيا آهي.