پنجڪڙا: شاعريءَ جي هيءَ صنف سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعرن، پرڀو وفا ۽ ٻين متعارف ڪرائي. ان کان پوءِ وارن ڪيترن شاعرن پنجڪڙا لکيا آهن، جن ۾ راشد مورائي، وسيم سومري، سعيد ميمڻ، عامر سيال ۽ ايوب گل جا نالا اهم آهن. پنجڪڙن جي پهرين سٽ ۽ چوٿين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن ۽ ٻي ۽ ٽين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن. جڏهن ته پنجين سٽ ۾، پهرين سٽ، ساڳي ئي ورجائي ويندي آهي. ڀارت ۾ هن صنف تي پرڀو وفا جو ڪتاب ”سرخ گلاب سرها خواب“ شايع ٿيل آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ سعيد ميمڻ جو ڪتاب ”ڪاري بَرَ ۾ چنڊ“ هڪ طويل نظم کانسواءِ، رڳو پنجڪڙن تي مشتمل آهي. مثال طور هڪ پنجڪڙو ڏجي ٿو:
ڪـٿـي آ چــنـڊ! ســنـدءِ چــانـڊاڻ؟
دلــيــن ۾ اونــدھه ۽ انـدوهه،
قــلـب ٿيا ڪــٽـجـي ڪــارو لـوھه،
اڙي اُڀ تــي اســريــن ڇـاڪـاڻ؟
ڪـٿــي آ چــنــڊ! ســنــدءِ چــانڊاڻ؟