پنجگور

پنجگور: پنجگور، بلوچستان جي مڪران ڊويزن جو ضلعو آهي. پنجگور جو شهر، رخشان نديءَ جي ڪناري تي آباد آهي. پهاڙن جي وچ ۾ کجين ۾ گهيريل، هي خوبصورت نخلستان، ’عزت ۽ مهروڪ‘ جي عشق جي داستان سبب مشھور آهي. پنجگور جو پراڻو نالو حرما آباد آهي، ان تي موجودہ نالو ڪيئن پيو. ان بابت روايت آهي تہ حضرت عثمان رضہ جي وقت ۾ ڪن تاريخن ۾ شاهان ايران جي وقت ۾ حرما آباد وارن جو مقابلو عربن يا ايرانين سان ٿيو، جنهن ۾ حرما آباد وارن کي شڪست ملي، گهڻا ماڻهو هن حملي دوران مارجي ويا. حملي ڪندڙ فوج جا پنج مکيہ سپھ سالار بہ مارجي ويا، جن کي هتي دفن ڪيو ويو. ڪن تاريخدانن جو خيال آهي تہ هي پنجئي حرما آباد جي قبيلن جا سردار هئا. ’پنج گور‘ جي معنيٰ ’پنج قبرون‘ آهي. ائين هن شھر جو نالو پنجگور پيو، اهي قبرون اڄ بہ اُتي موجود آهن.


لفظ پنجگورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو