
پنج گنج ڪتاب
پنج گنج (ڪتاب): هيءُ ڪتاب صوفي شاعر فقير قادربخش ’بيدل‘ جي فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو فقير صوفي سبحان بخش ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھہ 1977ع ۾ ڇپايو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو، 2009ع ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ، ڇپائي پڌرو ڪيو.
ساڳـئي ڪتاب جو اردو ترجمو ڊاڪـٽـر نواز علي ’شوق‘ ڪيو آهي، جيڪو شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران مئي 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. خوبصورت ٽائيٽل، پڪي جلد ۽ ڊيمي سائيز جي 240 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.
هن تاريخي ڪتاب ۾، بيدل فقير قرآني آيتون، حديثون، مثنوي مولانا روم مان شعر، شاھہ لطيف جا بيت ۽ بزرگن جون حڪايتون هڪ هنڌ ڏنيون ويون آهن ۽ انهن ۾ مماثلت ڏيکاري، روحاني مسئلن ۽ حقيقتن کي سمجهايو ويو آهي. ’پنج گنج‘ سنڌ جي صوفياڻي ادب ۽ خاص ڪري لطيفيات جي باب ۾ هڪ خاطر خواھہ اضافو آهي.