پندار

پندار (Pindar) (522-443 ق. م): عالمي شھرت رکندڙ مشھور يوناني سياح ۽ شاعر پندار کي يوناني ادب ۾ عظيم غنائي شاعر سمجهيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو تہ هن بيوشائي شاعرہ ڪورينا کان شاعريءَ جي هڪ مقابلي ۾ هن کان هار کاڌي. پندار پوري يوناني دنيا جي سڀني حصن ۾ سفر ڪيو ۽ ملڪي سطح تي مشھور هجڻ ڪري کيس ڪيترائي ڪم مليا. هن سيراڪيوسي جي بادشاھہ هيئرو اول جي دعوت تي ٻہ سال سسليءَ ۾ گذاريا ۽ مختلف بادشاهن ۽ اميرن جي شان ۾ شعر چيا. پندار پنھنجي شعر جي خوبين عيوض ايترو تہ مشھور ٿيو، جو جڏهن سڪندر اعظم 335 ق.م ۾ ٿيبيس کي ڦريو لٽيو تہ پندار جي گهر کي ڇڏي ڏنائين. پندار ڀڄن، گيت ۽ قصا وغيرہ بہ لکيا ۽ پنهنجن قصن ۾ ڪيترا اخلاقي ۽ مذهبي فلسفا متعارف ڪرايائين. هُو روح جي لافانيت ۽ آخرت جي حساب تي بہ يقين رکندو هو.


لفظ پندارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو