پنهواري، عبدالقادر، علامہ: مشھور عالم علامہ عبدالقادر انڍڙ پنهواريءَ وارو 1218 ھہ/ 1803ع ۾ قاسم پور ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان علمي ۽ ادبي خاندان هو. سندس وڏو ڏاڏو محمد فاضل سنڌي (1154ھہ/ 1741ع) شاھہ ولي ﷲ محدث دهلويءَ جو استاد هو. علامہ عبدالقادر، پنهواريءَ جي علم دوست شخص سيد شاھہ عثمان جي گذارش تي قاسم پور کان پنهواريءَ اچي رهيو ۽ درس تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين. هن همايون جي مدرسي مان مولوي محمد يعقوب همايونيءَ کان دستار فضيلت حاصل ڪئي، مولانا عبدالغفور همايوني مولوي عبدالرحمان سکر وارو، مولوي عبدالله سومراڻي، مولانا عبدالستار مهر، مولوي عبدالغفار مھر ۽ مولوي نور محمد شهدادڪوٽي سندس هم درس هئا. هن باطني فيض ’مجذوب سيوهاڻيءَ‘ کان حاصل ڪيو ۽ سهرورديه سلسلي جي بزرگ نظام الدين جو مريد هو.
علامہ عبدالقادر پنهواريءَ سموري ڄمار رشد و هدايت ۽ درس تدريس ۾ گذاري، سندس نامور شاگردن ۾ مولانا تاج محمود امروٽي، خليفو عبدالعزيز ٿريچاڻوي، شيخ احمد بن حيات، مولوي غلام حيدر شاھہ، حڪيم قائم الدين مهر، ميان فيض الڪريم (موري وارو)، مولوي غلام محمد پيرزادو، حڪيم عبدالڪريم وغيرہ شامل آهن. علامہ عبدالقادر جا بيدل فقير سان بہ ڏاڍا مناظرا ٿيندا هئا، جن جو ذڪر ديوان بيدل ۾ موجود آهي. عبدالقادر هڪ نامور عالم دين ۽ اعليٰ مدرس سان گڏ قادر الڪلام شاعر ۽ قابل مصنف بہ هو. سندس فارسي ڪتابن ۾ خلاصه حدود امراض، فرهنگ ڪبير ۽ خلاصة الاوزان مشھور آهن. مولوي صاحب جي هٿ جو لکيل هڪ بياض موجود آهي، جنهن ۾ علمي ۽ طبي مواد آهي، علامہ صاحب 1328ھہ/ 1910ع ۾ 110 سالن جي عمر ۾ فالج وگهي وفات ڪئي. کيس پنهواريءَ ۾ شاھہ عثمان جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.