پنهواري، عبدالقادر، علامه: مشهور عالم علامه عبدالقادر انڍڙ پنهواريءَ وارو 1218 هه/ 1803ع ۾ قاسم پور ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان علمي ۽ ادبي خاندان هو. سندس وڏو ڏاڏو محمد فاضل سنڌي (1154هه/ 1741ع) شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جو استاد هو. علامه عبدالقادر، پنهواريءَ جي علم دوست شخص سيد شاهه عثمان جي گذارش تي قاسم پور کان پنهواريءَ اچي رهيو ۽ درس تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين. هن همايون جي مدرسي مان مولوي محمد يعقوب همايونيءَ کان دستار فضيلت حاصل ڪئي، مولانا عبدالغفور همايوني مولوي عبدالرحمان سکر وارو، مولوي عبدالله سومراڻي، مولانا عبدالستار مهر، مولوي عبدالغفار مهر ۽ مولوي نور محمد شهدادڪوٽي سندس هم درس هئا. هن باطني فيض ’مجذوب سيوهاڻيءَ‘ کان حاصل ڪيو ۽ سهرورديه سلسلي جي بزرگ نظام الدين جو مريد هو.
علامه عبدالقادر پنهواريءَ سموري ڄمار رشد و هدايت ۽ درس تدريس ۾ گذاري، سندس نامور شاگردن ۾ مولانا تاج محمود امروٽي، خليفو عبدالعزيز ٿريچاڻوي، شيخ احمد بن حيات، مولوي غلام حيدر شاهه، حڪيم قائم الدين مهر، ميان فيض الڪريم (موري وارو)، مولوي غلام محمد پيرزادو، حڪيم عبدالڪريم وغيره شامل آهن. علامه عبدالقادر جا بيدل فقير سان به ڏاڍا مناظرا ٿيندا هئا، جن جو ذڪر ديوان بيدل ۾ موجود آهي. عبدالقادر هڪ نامور عالم دين ۽ اعليٰ مدرس سان گڏ قادر الڪلام شاعر ۽ قابل مصنف به هو. سندس فارسي ڪتابن ۾ خلاصه حدود امراض، فرهنگ ڪبير ۽ خلاصة الاوزان مشهور آهن. مولوي صاحب جي هٿ جو لکيل هڪ بياض موجود آهي، جنهن ۾ علمي ۽ طبي مواد آهي، علامه صاحب 1328هه/ 1910ع ۾ 110 سالن جي عمر ۾ فالج وگهي وفات ڪئي. کيس پنهواريءَ ۾ شاهه عثمان جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.