پنهواري: پني عاقل تعلقي جو هڪ شھر. هن شھر جو ذڪر سنڌ جي مستند تاريخن ۾ بہ آيو آهي. هتي سنڌو درياھہ تي قديم پتڻ هو ۽ هتان ئي مغلن ٻيڙين جي پل ٺاهي، درياھہ تان لشڪر ٽپايو ۽ بکر، چانڊڪا تي حملو ڪيو هو. پنهواريءَ کي ٽي دفعا درياھہ پاتو علامہ عبدالقادر انڍڙ جو مشھور مدرسو بہ هتي ئي هو ۽ مشھور شاعر عبدالقادر ”عبدي“ بہ پنهواريءَ جو رهندڙ هو. مجاهد خان جي لشڪر جو هتان گذرڻ جو واقعو تاريخن ۾ 1572ع لکيل آهي، جنهن مان هن شھر جي قدامت ظاهر ٿئي ٿي. ورهاڱي کان اڳي هي شھر وڏي اوج تي هو. اناج منڊي، صرافيه بازار، ڍڪ بازار جا نشان اڄ بہ موجود آهن ۽ ڳوٺ جون تمام ويڪريون گهٽيون هن شھر جي رونق جون ساکي آهن