پنهوار جي رياست

پنهوار جي رياست: سنڌ جي نسبنامن جي عام روايت مطابق هڪ نظريو اهو به عام ڪيو ويو آهي ته ”پنهوار جا وڏا اصل ۾ هڪ عرب قبيلي مان هئا ۽ محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيا، ”فتح نامي“ جي بيانن توڙي ٻين اڳين تاريخن مان اهو ثابت آهي ته محمد بن قاسم پنهنجي فوج مان، جدا جدا قبيلن جي ڪن چونڊ ماڻهن کي جدا جدا جاين تي رهايو، ۽ بعد ۾ خليفي سليمان هڪ عام حڪم نامو ڪڍيو ته جيڪي به سپاهي سنڌ ۾ آهن، سي اتي ئي رهن، محنت ڪن ۽ زمينون آباد ڪري پنهنجو گذران ڪن. پنهوارن جا وڏا، پنهنجي اصل بدوي زندگيءَ کي ترجيح ڏيندي، شهر کان ٻاهر وڃي رهيا ۽ رڍن ٻڪرين جا ڌڻ ڌاري گذران ڪيائون، جنهن ڪري وقت گذرڻ سان هو ”پنهوار“ (پهون = ٻڪريون. پهون + وار = ٻڪرين وارا) يا ”پنهور“ سڏجڻ لڳا. سنڌ جو وڏو عالم ۽ محقق مخدوم محمد هاشم ٺٽوي”پنهور“ هو، پر وٽس ڪي اهڙيون لکيتون يا پڪيون روايتون هيون، جو پاڻ کي پنهنجي نسبنامي جي اصليت جي لحاظ سان ”اسدي قريشي“ ڪري لکيو اٿس. جڏهن ته نامور محقق ۽ تاريخدان پنهورن کي اصلوڪو مڪاني نسل سڏين ٿا. هڪ خيال آهي ته اندازً سمن جي پوئين دؤر ۾، جڏهن کان ڪاڪن- چنن واري قبائلي برادريءَ جو زوال شروع ٿيو ته دادو ۽ ڇنيءَ جي ڏکڻ الهندي ڀاڱي تي پنهوارن جو ۽ دادو سيوهڻ جي اڀرندي علائقي تي ڪؤنريجن جو قبضو ٿيو. مرزا قليچ بيگ جي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا قديم شهر ۽ ان جا ماڻهو“ ۾لکيو آهي ته: ”1725ع ڌاري يا ان کان اڳ ڪانهري واري ڀاڱي ۾ پنهورن ۽ چنن جي حڪومت هئي. ڪانهري، سامتاڻي، پرڳڻي جو صدر مقام هو. ”اها ڳالهه 1725ع کان گھڻو اڳ جي آهي“.
حسين چارڻ جي تاريخي شعر ۾ مير پنهوار جي سرداري ۽ سندس رياست جو ذڪر آهي، جيڪا سيوهڻ واري علائقي سان دنگئي هئي، اهو مغلن جو آخري دؤر هو، جو دادو طرف ميان نصير محمد جي طاقت وڌي رهي هئي ۽ ڪلهوڙن طرفان مقامي قومن قبيلن جي رياستن تي دٻاءُ پوڻ شروع ٿيو، پر حسين چارڻ جي شعر جي شاهديءَ موجب مير پنهوار، ميان نصير محمد جي آڻ نه مڃي. غالباَ اُهو ئي سبب هو، جو ميان نصير محمد پنهوارن جي طاقت کي ٽوڙڻ جو پڪو پهه ڪيو. سن 1103هه مطابق 1691ع ڌاري ميان دين محمد پنهوارن تي حملو ڪيو ۽ پير پنهوار شڪست کاڌي، پر وري لشڪر گڏ ڪري جنگ جي تياري ڪيائين. مرکپور وٽ جنگ لڳي، جنهن ۾ پنهوارن هارايو ۽ ميان جي حڪم سان، پنهوارن جي زمين تي قبضو ڪري کين پوريءَ طرح آڻ مڃائي وئي.
کوسن، پنهوارن جي حد ۾ لوڙهيون هڻڻ شروع ڪيون. مير پنهوار کان پـوءِ پنهـوارن ۾ به شـايد ٻه سرداريون ٿي ويون هيون: اصل مرڪز ”سامتاڻي“ ۾ هو، جنهن جو سردار قيصر پنهوار هو ۽ مٿي اتر طرف ”اراڙي“ ۾ حيدر پنهوار سردار هو. باوجود انهيءَ جي مقابلي ۾ پنهوارن، کوسن جي سربراهه گولي کوسي کي ماريو، ۽ هنن جا به گھڻا ماڻهو مئا ۽ پنهوار وڌيڪ ڪمزور ٿي ويا. جيئن ته منجھن وڌيڪ مقابلي جي طاقت نه رهي، انهيءَ ڪري هنن لاچار ميان نصير محمد جو فيصلو قبول ڪيو، جنهن موجب اولهه طرف جبل کان وٺي اوڀر طرف ”ناري“ تائين، پنهوارن جو سڄو علائقو سردار گولي کوسي جي قتل جي عيوض کوسن کي ڏنو ويو. انهيءَ فيصلي کان پوءِ پنهوارن جو زور ٽٽي ويو ۽ هو ميان جا مڪمل طور مطيع ٿي ويا. باوجود انهيءَ جي پنهوارن کي بلڪل ئي بي دخل ڪرڻ ۽ تڙي ڪڍڻ خاطر ميان يار محمد مٿن حملو ڪيو. پنهوارن پيغام موڪليو ته اسين ڪو نه وڙهنداسون ۽ سامهون ترار نه کڻنداسون. تڏهن ميان يار محمد چيو ته: ”مٿن ڏنڊن ۽ لٺين سان حملو ڪريو.“ ائين ڏنڊن ۽ لٺين سان پنهوارن کي ماري ڪڍي، ڪانهري تي قبضو ڪيائون. انهيءَ تان ميان يار محمد عام طرح ”يارو ڏنڊائي“ مشهور ٿيو ۽ اهو ڏنڊو جيڪو ڪانهري تي ڪيل حملي ۾ سندس هٿ ۾ هو، سو پوءِ قبي ۾ سنڀالي رکيو ويو، ميان يار محمد، ڪانهري لڳ پنهنجي گاديءَ جو نئون شهر ”خدا آباد“ ٻڌايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو