رشيده اختر پنهور

رشيده اختر پنهور

پنهور رشيده اختر

پنهور، رشيده اختر: سياسي، سماجي اڳواڻ رشيده اختر پنهور، 15 جون 1958ع تي شاهاڻي محلي، دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد سيف الدين پنهور دادوءَ جو بھترين وڪيل رهيو آهي. رشيده پنهور ابتدائي ۽ ثانوي تعليم دادوءَ مان حاصل ڪئي. گرئجوئيشن دادوءَ مان ڪرڻ کان پوءِ ايل. ايل. بي، لا ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1988ع جي چونڊن ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر بڻي. هن ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ بہ ڪافي سرگرميءَ سان ڪردار ادا ڪيو ۽ سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ ڇھہ مهينا قيد رهي. رشيده پنهور، محترمہ شھيد بينظير ڀٽو جي محافظ طور 1986ع کان 1888ع تائين ساڻس گڏ رهي. سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ليڊيز ونگ) سنڌ جي صدر بہ رهي آهي. هوءَ شعلہ بيان مقرر آهي ۽ سندس شمار دادوءَ جي مشھور وڪيلن ۾ ٿئي ٿو. 2008ع جي عام چونڊن ۾ بہ هوءَ عورتن جي سيٽ تان ٻيهر ايم. پي. اي چونڊجي آئي آهي ۽ هن وقت صوبائي اسيمبليءَ طرفان ايس. اينڊ جي. ڊي (S & GACD) بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي ميمبر آهي. هوءَ مشھور سماجي تنظيم عورت فائونڊيشن جي پڻ ميمبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.06.15  عيسوي

سماجي اڳواڻ رشيده اختر پنهور، 15 جون 1958ع تي شاهاڻي محلي، دادوءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بودلو سميجو
بيبي رابعہ بصري
بخشڻ خان چانڊيو
پيرزادو مولوي محمد معاذ
آغا سيد اسماعيل شاھہ اصفهاني
سيد بايزيد
فقيرو ميگهواڙ
ٽالپر مير سهراب خان
عبدالڪريم لوڌي
رحيم بخش خان بوزدار سردار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون