پنهور، غلام محمد: ساهتي علائقي جي استادن ۾ غلام محمد پنهور جو نالو وڏي عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. اڄ بہ سندس نالي تي غلام محمد پنهور گورنمينٽ نيشنلائيزڊ هاءِ اسڪول مٺياڻي موجود آهي. استاد غلام محمد ولد محمد سومر پنهور، ايم. اي ۽ بي. ٽي پاس هو. بھترين سماجي ورڪر ۽ علم ادب سان چاھہ رکندڙ شخصيت هو. هن تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ڪيترا اسڪول کولرايا. جھڙوڪ: مالو پنهور، جمعو پنهور، زبير پنهور، هاءِ اسڪول غلام محمد پنهور، ڊڀرو. ان کان سواءِ هن ڪيتريون مسجدون ٺهرايون ۽ ڪن جي مرمت پڻ ڪرائي. جن ۾ هالاڻي، ٺٺ پراڻي ۽ ٻُڍل پنهور جي ڳوٺن جون مسجدون اچي وڃن ٿيون. هو پڙهائيءَ دوران شاگردن ۾ تقريري مقابلا بہ ڪرائيندو هو. استاد غلام محمد پنهور گچيري ۽ موري جي اسڪولن کان سواءِ ٽريننگ ڪاليج مٺياڻيءَ ۾ بہ پڙهايو. سندس پڙهائيءَ کان سواءِ ٻيون مشغوليون ڏسي هيڊماستر ٽريننگ اسڪول مٺياڻيءَ کيس منع ڪئي تہ پڙهائيءَ کان سواءِ ٻيا ڪم نہ ڪري، ان تي جذبات ۾ اچي نوڪريءَ تان استعفا ڏئي ڇڏيائين. ڪجهہ عرصو حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول ۾ خانگي طور استاد بہ رهيو، پر اتي بہ هيڊماستر سندس سماجي ڪمن جي مخالفت ڪئي. غلام محمد پنهور عربي ۽ فارسيءَ تي عبور رکندو هو. وڪالت جو امتحان بہ پاس ڪيائين. ڪجهہ عرصو ڪورٽن ۾ عريضي نويس طور ڪم ڪيائين. حيدرآباد ۾ ٽيوشن بہ پڙهيائيندو هو. علم ۽ ادب سان شوق هئڻ ڪري، ڳوٺ غلام محمد پنهور ۾ لائبرري قائم ڪرايائين. سندس ڪوششن سان ڳوٺ ۾ گرلس اسڪول جي عاليشان عمارت ٺهيل آهي. استاد غلام محمد پنهور اپريل 1989ع ۾ وفات ڪئي. سندس تربت سندس نالي سان قائم هاءِ اسڪول جي احاطي ۾ موجود آهي. هي املھہ ماڻڪ انسان هو، پر سندس مناسب قدر شناسي نہ ٿي.