پنهور ميان محمد صديق

پنهور، ميان محمد صديق: حافظ ميان محمد صديق پنهور ولد عبدالله پنهور، 11 آگسٽ 1827ع/ 18 محرم 1243ھہ تي، ضلعي سکر جي ڳوٺ ”ڀرچونڊي شريف“ ۾ ڄائو. پاڻ وڏو عابد، عالم ۽ زاهد بزرگ ٿي گذريو آهي. قادري مسلڪ سان واسطي هئڻ ناتي ڪيترن ماڻهن کي فيضياب ڪيائين. مخدوم احمد يار خان مهر، مولانا سيد تاج محمود امروٽي، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا عبدالغفور همايونيءَ جھڙا جيد عالم بزرگ شاعر ۽ صاحبِ فيض شخص سندس فيض يافتہ يا شاگرد هئا. حافظ صاحب کي حنفي فقھہ ۾ وڏو ملڪو حاصل هو. سندس فتوائن کي وقت جا عالم بنا ڪنهن چون چرا جي قبول ڪندا هئا. هي قديم وضع جو بزرگ 63 ورهين جي ڄمار ۾ 21 رمضان المبارڪ 1308ھہ بمطابق 1 آگسٽ 1891ع تي هن جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس آخري آرامگاھہ ڀر چونڊي شريف ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1827.08.11  عيسوي

حافظ ميان محمد صديق پنهور ولد عبدالله پنهور، 11 آگسٽ 1827ع/ 18 محرم 1243هه تي، ضلعي سکر جي ڳوٺ ”ڀرچونڊي شريف“ ۾ ڄائو.


1891.08.01  عيسوي

حافظ ميان محمد صديق پنهور 63 ورهين جي ڄمار ۾ 21 رمضان المبارڪ 1308هه بمطابق 1 آگسٽ 1891ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پوراني جلال الدين بايزيد
طارق جميل سوهو
حماد ﷲ هاليجوي
جھان مخدوم سنڌي
احمد ٺٽوي ملا
ابڙو احمد
حسن عجيمي شيخ
سفيان ثوري
ايم جي ٺاڪر
علي گوهر صديقي مخدوم
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون