پنهور ميان محمد صديق

پنهور، ميان محمد صديق: حافظ ميان محمد صديق پنهور ولد عبدالله پنهور، 11 آگسٽ 1827ع/ 18 محرم 1243هه تي، ضلعي سکر جي ڳوٺ ”ڀرچونڊي شريف“ ۾ ڄائو. پاڻ وڏو عابد، عالم ۽ زاهد بزرگ ٿي گذريو آهي. قادري مسلڪ سان واسطي هئڻ ناتي ڪيترن ماڻهن کي فيضياب ڪيائين. مخدوم احمد يار خان مهر، مولانا سيد تاج محمود امروٽي، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا عبدالغفور همايونيءَ جھڙا جيد عالم بزرگ شاعر ۽ صاحبِ فيض شخص سندس فيض يافته يا شاگرد هئا. حافظ صاحب کي حنفي فقهه ۾ وڏو ملڪو حاصل هو. سندس فتوائن کي وقت جا عالم بنا ڪنهن چون چرا جي قبول ڪندا هئا. هي قديم وضع جو بزرگ 63 ورهين جي ڄمار ۾ 21 رمضان المبارڪ 1308هه بمطابق 1 آگسٽ 1891ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه ڀر چونڊي شريف ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1827.08.11  عيسوي

حافظ ميان محمد صديق پنهور ولد عبدالله پنهور، 11 آگسٽ 1827ع/ 18 محرم 1243هه تي، ضلعي سکر جي ڳوٺ ”ڀرچونڊي شريف“ ۾ ڄائو.


1891.08.01  عيسوي

حافظ ميان محمد صديق پنهور 63 ورهين جي ڄمار ۾ 21 رمضان المبارڪ 1308هه بمطابق 1 آگسٽ 1891ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عـبـدالواحد علامه
سيد محمد مبارڪ جيلاني
شمس الدين فقير
ديبلي ابراهيم
ايم جي ٺاڪر
پير الاهي بخش انصاري محبوب الاهي
آخوند الله بخش ڀٽي سيتائي
تاج محمود امروٽي
آءِ آءِ قاضي علامه
سيد شير شاهه بخاري
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون