پنهور ٻٽڙا

پنهور ٻٽڙا: هيءُ ڳوٺ دادو شھر کان 7 ڪلوميٽر اولھہ طرف تعلقي جوهيءَ ۾ آهي. هن ڳوٺ کي ٽي وڏيون ديهون ڊگهہ هيٺين، سرنجڙي ۽ بٺي لڳن ٿيون، ديھہ ڊگهہ هيٺين سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ مير خان ٽالپر'>بندہ علي خان ٽالپر جي جاگير هئي، جيڪا ڀُٽي دؤر ۾ مقامي هارين ۾ ورهائي وئي.
هن ڳوٺ ۾ ڏِتي جي مياڻي مشھور هئي، جيڪا هن وقت وڏي ڍنڍ آهي، جنهن جي مڇي اڄ بہ دادو شھر پُڄندي آهي. هن ڳوٺ ۾ پنهور، چارڻ، ميربحر، ماڇي ۽ جتوئي آباد آهن. هي ڳوٺ هوميوپيٿيءَ جي مشھور ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ جي جنم ڀومي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو