پُنهُون: ويدن ۽ پَراڻن ۾ بيان ڪيل آريائي ڪردارن جي حوالي سان ڄاڻ ملي ٿي ته آرين جي هڪ قديم ڪردار چندر (جنهن کي سم به چوندا هئا) جي نالي سان چندر ونسي/ سم ونسي نسل جي ابتدا ٿي. پوءِ اهو نسل چئن وڏن گروهن: يادوَ، تروسوَ، انوَ، درهيوَ ۾ ورهائجي ويو. سندن بودباش وچ ايشيا، وچ اوڀر، سنڌ ۽ هند جي خطن ۾ ٿي. سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ ڪڇ ۾ رهندڙ سما ۽ جت قبيلا انهن چندر ونسي آرين جي گروهن مان آهن. جڏهن سڪندر اعظم ايران فتح ڪري اڳيان وڌيو ته سنڌ جي سرحدي علائقي مڪران ۾ جتن جي ’هوت‘ قبيلي جي بهادرن ساڻس مهاڏو اٽڪايو. ان دور جي يوناني مؤرخن هن قبيلي جو ذڪر اوريتائي نالي سان ڪيو آهي. جو ’هوت‘ جو يوناني اُچار آهي. هي قبيلو سومرا دور تائين مڪران جو حاڪم هو. سومرن جي آخري دور ۾ مڪران ۾ بلوچن جو اچڻ ٿيو. جن جي قافلي جي سالار مير جلال خان ’هوت‘ قبيلي جي ’عجوبه‘ نالي هڪ رقاصه سان شادي ڪئي، جنهن مان ڄاول پٽ کي هن ’هوت‘ جو نالو ڏنو. مير جلال خان جي وفات کان پوءِ هوت جي ماءُ قلعي تي قبضو ڪيو، جنهنڪري مير جلال خان جا وڏا پٽ مجبور ٿي اڳتي هليا ويا ۽ مقامي جت قبيلن سان اختلاف رکيائون ۽ اڄ تائين جتن کي پاڻ کان ڌار سمجهندا آهن. بلوچ قبيلن جي ويڙهاڪ فطرت جي ڪري سنڌي جت، هميشه بلوچ قبيلن کان مرعوب رهيا آهن. اهي بلوچن جي وچ ۾ رهي بلوچ سڏائي نٿي سگهيا، پر جڏهن سمن جي دور ۾ جت قبيلا لاڙ ۾ لڏي آيا ته پاڻ کي بلوچ سڏائڻ لڳا. سنڌ جا ماڻهو جتن جي نسل ۽ اسلام جي اوائلي دور ۾ لڏي ويل سنڌي جتن جي حجاز، عراق ۽ ٻين عرب علائقن ۾ بودوباش ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ هاڪارن عالمن جي ديني خدمتن کان واقف هئا. پر انهن اوائلي دور ۾ بلوچن جي نسل کان ناواقفيت جي ڪارڻ جابلو علائقي جي معنيٰ ۾ جتن کي به بلوچ سمجهڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ ”بلوچ“يا ”ٻروچ“ جي معنيٰ ”جبل جو رهاڪو يا ڪوهيارو“ وڃي بيٺي. سومرن جي دؤر ۾ مڪـران جـي عـلائقـي ڪيچ جو حاڪم ”آري ڄام“هو. آريءَ کي پنهنجي زال ”ملي“ مان ڄاول ٽن پٽن مان هڪ جو نالو ”پنـون“(پنهون) هو. هڪ بيت ۾ پنهونءَ جو نالو هن ريت آيل آهي ته:ســودو ڪــريــان تـنـهـن سـاٿ سان،جـنـهـن کــي پنـهـون آريـاڻـي چــون. سنڌ جي نسب نامي جي اصطلاح موجب ”پنهون آرياڻي“ معنيٰ پنهون پٽ آريءَ جو. پنهونءَ جو نالو سنڌ جي مشهور رومانوي داستان ”سسئي پنهون“ جي هيرو طور مشهور آهي. شاهه لطيف سندس ڪردار کي ڳائي امر ڪري ڇڏيو آهي. روايتي قصي ۾ سسئي پنهونءَ جو داستان هن ريت ٻڌايو ويندو آهي ته هڪ برهمڻ کي ڌيءَ ڄائي. جوتش ذريعي کيس معلوم ٿيو ته ان جي شادي هڪ مسلمان سان ٿيندي. نياڻيءَ کي مارڻ به کيس منظور نه هو ۽ اکين ڏٺي مک ڳهڻ به هن لاءِ ممڪن نه هئي. ان ڪري هن ڇوڪريءَ کي هڪ پيتيءَ ۾ بند ڪري درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو. اها پيتي لڙهندي اچي ڀنڀور ۾ محمد کٽيءَ تائين پهتي، جيڪو ڌوٻڪو ڪم ڪندو هو. ان نياڻيءَ تي ”سسئي“ نالو رکيائين، جنهن جي معنيٰ آهي چنڊ ۽ کيس پنهنجي ڌيءُ ڪري پالڻ لڳو. سسئي وڏي ٿي ته ڪنهن طرح سان ڪيچ مڪران جي حاڪم آري ڄام جي پٽ پنهونءَ جي حسن جو چرچو سندس ڪنن تي پيو ۽ هوءَ پرپٺ مٿس عـاشق ٿـي پئي. جـڏهـن اهـا خبـر پنهونءَ کي پئي ته هو به کيس اڻـڏٺو محبوب بڻائي ويهي رهيو ۽ ڪيچ مان ڪهي ڀنڀور پهتو. نيٺ ٻنهيءَ ان جو ملڻ ٿيو ۽ هڪ ٻئي کي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڪجهه وقت گڏ رهيا ته پويان پنهونءَ جي ڳولا شروع ٿي وئي. سندس ڀائر کيس ڳوليندي اچي ڀنڀور ۾ پهتا. پنهونءَ کين پنهنجي زال سسئيءَ سان ملايو. هنن ڀائرن پنهونءَ کي موٽي هلڻ لاءِ چيو، پر پنهونءَ انڪار ڪري ڇڏيو. نيٺ هنن ڊوهه ڪري رات جو نشو پياري پنهونءَ کي ٻڌي کڻي اٺ تي سوار ڪيو ۽ اچي ڪيچ پهتا، جتي پنهونءَ کي قيد ڪري رکيائون. پويان سسئي، پنهنجي پنهونءَ کي وڃائي هوش مان نڪري وئي ۽ سندس پيرا کڻي اڪيلي سر ڪيچ ڏانهن ڪاهي پئي. سفر جي تڪليفن کيس هيڻو ڪري ڇڏيو ۽ نيٺ هوءَ رستي ۾ مري وئي يا روايتن مطابق زمين ڦاٽي پئي ته ان ۾ گهڙي وئي. هوڏانهن پنهون پاڻ ڇڏائي سسئيءَ ڏانهن روانو ٿيو. پنهون جڏهن اتي پهتو، جتي سسئي زمين ۾ گهڙي وئي هئي ته اتي سندس گنديءَ جو پلئه ٻاهر نڪتل ڏسي سڃاڻي ورتائين ۽ نيٺ پاڻ به اتي ئي زمين ۾ داخل ٿي ويو. لطيف جي شاعريءَ ۾ پنهونءَ لاءَ جت، بلوچ، ڄام جهڙا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. اڄ جي دور جا ڪي محقق مٿئين پسمنظر کي نظر انداز ڪندي انهن لفظن کي بنياد بنائي پنهونءَ جي نسل کي منجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ دليلن کي سگهارو ڪرڻ لاءِ پنهونءَ جو تعلق هوت نالي بلوچ قبيلي سان جوڙي رهيا آهن، جيڪو مير جلال خان جي پٽ ”هوت“ جو اولاد آهي. حالانڪه پنهونءَ جو واقعو مير جلال خان جي پٽ ”هوت“ جي پيدائش کان ڪافي اڳ جو آهي. پنهون جي ساٿ واري واٽ: ڪيچ جي واديءَ مان، سنڌ ڏانهن جيڪي واٽون اينديون هيون، تن مان هڪڙيون اُتريون پاسو وٺي، اڳتي هلي خُضدار کان گنداوا ڏانهن يا لَڪ ”جائو“ کان، ”ٻيلي“ ڏانهن ورنديون هيون، ٻيون ڏاکڻيون سامونڊي ڪناري وارو پاسو وٺي ”هنگول“ ۽ ”حب“ وٽان سنڌ ۾ ڍرنديون هيون. اڄ تائين اهي ئي واٽون وهن ٿيون. سنڌ ۾ هلندڙ ”سسئي- پنهون جي ڳالهه“ جي مختلف روايتن مطابق، پنهونءَ جو ساٿ هيٺين، ڏاکڻي واٽ سان سنڌ ۾ آيو. اها راهه پَسني، اورماڙا، گوادر، هنگول ندي ۽ ولپت وٽان مَٽي، ڦوڙ ندي ٽپي، هاڙهي جبل جي ڏاکڻي لڪ مان نڪري، هاڙهي جي اُڀرندينءَ ڀر ان اتر طرف هلي، پوءِ اُتر- اوڀر طرف ڪانهري ٻيلي وٽان، ’لياريءَ‘ جي شهر ڏانهن هلي ٿي. هاڙهي جبل جو لڪ ۽ هاڙهي جي ڪنار، هن واٽ جو وڏو نشان آهي. پنهون انهيءَ واٽ تان آيو. لياريءَ کان پوءِ قافلي وارن اها واٽ ورتي جيڪا، اُٿل- ڪراچيءَ واري پڪي رستي واري رخ سان، سون مياڻيءَ وٽان، حب نديءَ تي اچي، اتان پوءِ ڀنڀور طرف ايندي هئي.