پنهون فقير

پنهون فقير

پنهون فقير

پنهون فقير: مشهور صوفي فنڪار پنهون فقير ولد دُرگا پهرين جنوري 1947ع تي ڳوٺ سُتياري،تعلقي ٽنڊي آدم ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا اتي جا مسڪين هاري هئا، تنهن ڪري هي تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. راڳ جي سکيا، سٺ ميل (شهيد بينظير آباد) واري ڀيمي فقير کان حاصل ڪئي. سنڌ جي سڀني ميلن ملاکڙن ۾ پنهنجو فن پيش ڪري چڪو آهي. ملڪ کان ٻاهر هندستان ۾ دهلي، اجمير، جوڌپور، راڻوجو، هري دوار ۽ مَٿُرا ۾ به پنهنجو فن پيش ڪري چڪو آهي. ملڪ کان ٻاهر هو فضل فقير جي سُنگ سان گڏ برطانيه جي لنڊن، بريڊ فورڊ ۽ گلاسگو ۾ به هن پنهنجو فن پيش ڪيو.


لفظ پنهون فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1997.01.01  عيسوي

مشهور صوفي فنڪار پنهون فقير ولد دُرگا پهرين جنوري 1947ع تي ڳوٺ سُتياري،تعلقي ٽنڊي آدم ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چاڪر چانڊيو
امينه گلوڪاره
آصف چارڻ
شفيع محمد جمن
رتن جوتو مل ڇڳاڻي
پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر
سيد موٽڻ شاهه
سرور سخيراڻي
علي گل ڪلهوڙو
عبدالغفور سومرو
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون