پنواڻي: پنواڻي عاملن جو وڏو ڏاڏو پنھون مل ۽ گلراجاڻين جو وڏو ڏاڏو گلراج مل پاڻ ۾ سڳا ڀائر هئا. هنن آڪهين جا وڏا اصل سبي ڍاڍر (بلوچستان) ويجهو ناري گاج ۾ رهندا هئا ۽ سونارڪو ڪم ڪندا هئا، ديويءَ جا پوڄاري هئا ۽ اهو رواج اڃا تائين سونارن ۾ عام آهي. هي ڇيڻيءَ سان اُما ديويءَ جي مورتي ڀِت تي ٺاهي، ان ۾ داڻا ڇٽيندا هئا ۽ پوءِ ڪنهن تاريخ تي اهو درياھہ ۾ پرواھہ ڪري وهائي ڇڏيندا هئا. هيءَ پوڄا صرف هن عاملڪي آڪھہ ۾ مروج هئي. هن آڪھہ جا وڏا ناري گاج ۾ ڪيترا ورهيہ امن امان سان رهيا، پر پوءِ اتي جي ڪن مسلمانن سان تڪرار ٿيڻ ڪري لڏي سنڌ ۾ اچي پهرين بکر ۾ رهيا، بعد ۾ خدا آباد ۾ اچي وسيا. حيدرآباد شھر وسڻ بعد آڏواڻين جو وڏو ديوان آڏومل کين حيدرآباد ۾ وٺي آيو ۽ حيدرآباد جي آڏواڻي گهٽيءَ ۾ هڪ طرف پنواڙين جو ويڙهو ۽ ٻئي پاسي گلراجاڻين جو پاڙو هو، جتي هنن جو شاديءَ غميءَ هڪ ٻئي وٽ اچڻ جو رستو هو. هتي بہ ٻنهي آڪهين جو ساڳيو ڌنڌو سونارڪو رهيو، منجهانئن ڪي صراف (Bankers) هئا. هنن مان ڪي ميرن جي نوڪريءَ ۾ آيـا تہ عـامـل سڏجـڻ ۾ آيـا. اهـي خـداآباد مـان آيـا هئـا، ان ڪـري اڳـتـي هلي ”خدا آبادي عامل“ سڏيا ويا. ڪجهہ سالن کان پوءِ پنواڻين جا ڪي سؤٽ خيرپور ميرس ۾ وڃي رهيا، جن مان ديوان خوبچند روينيو کاتي ۾ عملدار هو.