
پنوشي
پنوشي (Pinochet): پنوشي اَسيءَ واري ڏهاڪي ۾ لئٽن آمريڪا جي ملڪن ۾ خوف ۽ دهشت جي علامت بڻيل هڪ آمر/ ڊڪٽيٽر ٿي گذريو آهي. جنهن جو پورو نالو آگسٽو پنوشي (Augusto Pinochet) هو، جنهن جو آمريتي راڄ ڪنهن نہ ڪنهن شڪل ۾ 30 ورهين تائين لئٽن آمريڪا جي ملڪ چليءَ (Chile) تي قائم رهيو.
پنوشيءَ 25 نومبر 1915ع ۾ چليءَ جي والپرائسو (Valparaiso) واري علائقي ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ آگسٽو پنوشي ويرا (Augusto Pinochet Vera) برطانيہ جي علائقي لمبيلا (Lambella) جو رهاڪو هو. هن شروعاتي تعليم مشنري اسڪول مان حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪري هُو فوج ۾ ويو. پنھنجي ڊگهي فوجي ڪيريئر کانپوءِ 1973ع ۾ صدارتي محل تي حملو ڪري، ان وقت جي چليءَ جي صدر الئندي کي قتل ڪري فوجي راڄ قائم ڪيائين ۽ ماڻهن مٿان ظلم جي انتها ڪري ڇڏيائين. عوام جي جدوجھد جي نتيجي ۾ 1990ع ۾ کيس صدارت ڇڏڻي پئي، تڏهن بہ هو 1998ع تائين آرمي چيف رهيو ۽ رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ 1980ع جي آئين هيٺ تاحيات سينيٽر رهيو. هن جي اقتدار جي آخري دور ۾ انساني حقن جي تنظيمن، کاٻي ڌر جي سياسي ڌرين ۽ چليءَ جي وڪيلن، قانوني ماهرن ۽ عدالتن پاران مٿس 300 ڏوهن جي الزامن جي فهرست’ (Charge Sheet) مڙهي وئي، جن ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪرڻ، ٽيڪس ۽ قومي دولت لٽڻ ۽ مخالفن کي قتل ڪرائڻ جا ڏوھہ شامل هئا. سال 2004ع ۾ چليءَ جي هڪ جج ”جُوئان گوز مان تاپيا‘ (Juan Guzman Tapia) فيصلو ڏنو تہ هو طبعي طرح ڪورٽن ۾ پيش ٿيڻ جهڙو آهي. پنوشيءَ پنھنجي يادگيرين (Memoirs) ۾ لکيو آهي تہ ”هن صدر الئنڊي خلاف سازش ڪئي، جنهن ۾ هـن آرمـيءَ سـان گـڏ پوليـس کي بہ گـڏ ڪيـو. 10 ڊسـمبر 2006ع ۾ هـو’سينتياگو‘ جي آرمي اسپتال ۾ گذاري ويو.
1915.11.25 عيسوي
پنوشيءَ 25 نومبر 1915ع ۾ چليءَ جي والپرائسو (Valparaiso) واري علائقي ۾ جنم ورتو.
2006.12.10 عيسوي
پنوشي 10 ڊسـمبر 2006ع ۾ هـو’سينتياگو‘ جي آرمي اسپتال ۾ گذاري ويو.