پنوهار/ پنهوار/ پنهور/ پنوهر: سما قبيلي جي هڪ پاڙي جو نالو، جنهن جون هڪ کان وڌيڪ صورتخطيون رائج آهن. سنڌيءَ ۾ ٻاڪري مال کي ’پهون‘ چئبو آهي. ان کانسواءِ پراڪرت لفظ پهو ۽ سنسڪرت لفظ پشو سان به مطابقت اٿس، جنهن جي معنيٰ آهي. ٻاڪرو ڌڻ-آر يعني ڌنار، ٻڪرار. هڪ قبيلي جو نالو، جيڪو سنڌ، بلوچستان، بهاولپور، جوڌپور ۽ جيسلمير علائقن ۾ آباد آهي. پنهوار هندو به آهن ته مسلمان به. پنوهار جي اصطلاحي معنيٰ آهي ’ٻڪرين ۽ رڍن چارڻ وارا مارو ماڻهو‘. پنوهار، هونئن اصل پنهور هئا، سندن وڏو مير پنهور سردار هو، جنهن سن 1108هه/ 1696ع ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي ۽ 1113 هه/ 1706ع ۾ ميان دين محمد سان لڙائي ڪـئـي هـئي، بـعـد ۾ ميـان يار محمد ڪلهوڙي هنن جي حد ۾ خدا آباد جو شهر اڏايو ۽ کين پنهنجو زيردست بنايو.
پنهور يا پنهوار سنڌ جي سماٽ ذات مان آهن. ايس. صادق عليءَ پنهورن کي سما قبيلي مان ڄاڻايو آهي، جن جا خاص پاڙا آهن، (1) اڇڙا، (2) اباڻي، (3) بدري، (4) باگراڻي، (5) بنداڻي، (6) ٻاتڙا، (7) ٻوچڙي، (8) ٻوڙاڪا، (9) بـلائـي، (10) بـلاڻـي، (11) چـڊي، (12) چـنـاڻـي، (13) گـابـر ڪـلاڻــي، (14) گرگلاڻي، (15) هيرا، (16) ڪاڪا، (17) ڪڻوبراڻي، (18) ڪاٺڙا، (19) کُچ، (20) لڌاڻي، (21) لنگاڻي، (22) ماهيا، (23) ماليا، (24) نوڙي، (25) سيداڻي، (26) ٿوري، (27) عمراڻي، (28) مماڻي، (29) دوداڻي، (30) ڪارڙا، (31) شيخ پنهور، (32) ڀرٽ، (33) ڪمالاڻي، (34) يوسفاڻي، (35) هيسباڻي، (36) ڏوتڙ، (37) ڀنڀڻ پوٽا، (38) ڪاراڻي، (39) عيساڻي، (40) ملوچا ۽ (41) طالباڻي.
ڪراچيءَ ۾ راجپوت مسلمانن جي هڪ پاڙي جو نالو ’پنوار‘ آهي، جن جو چوڻ آهي ته هو ’پنهور‘ آهن، سندن عزيز راجپوتانا ۾ رهن ٿا، جيڪي پاڻ کي پنهور ۽ پنوار سڏائين ٿا.