پنو عاقل

پنو عاقل

پنو عاقل

پنو عاقل: پنو عاقل سنڌ جو مشھور شھر ۽ ضلعي سکر جو آخري تعلقو آهي. چيو وڃي ٿو تہ هي شھر سمن جي آخري دؤر ۾ سمن جي هڪ سورهيه سردار عاقل خان ڌاريجي ٻڌايو هو، ان ڪري پنو عاقل معنيٰ عاقل جي زمين يا عاقل جي جاگير، عاقل خان ملهار خان ڌاريجي جو پٽ هو. هڪ عرصي تائين ارغونن ۽ ترخانن سان مقابلو ڪيو هئائين. ان ڪري اهو ممڪن آهي تہ پنو عاقل سورهين صدي عيسويءَ ۾ ٻڌايو ويو هو. ڌاريجن جا هن علائقي ۾ ڪيئي ٻيا ڳوٺ بہ ٻڌايل هئا، جن ۾ جهانگڙو، دبر، هنڱورو بائيجي، نوراجا، بقا آباد، دادلوءِ، ڊرٻ، سلطانپور، پني، محمد پور ۽ عادلپور وغيرہ شامل آهن. هڪ ٻي روايت موجب ملهار خان کي وقت جي حاڪمن هي علائقو جاگير طور ڏنو. سندس وفات بعد عاقل خان کي موجودہ پنو عاقل حصي ۾ مليو. هڪ ٻيو حصو جيڪو سندس ڀاءُ غلام علي وسايو هو، جيڪو هن وقت جو پنو غلام علي سڏجي ٿو ۽ پنو بائيجي جيڪو سندن ڀيڻ جي نالي هو، ڇاڪاڻ بائيـجـي معنـيٰ آهي ”ڀـائـرن جـي“يعني ڀائرن جي ڀيڻ مطلب پنو بائيجي جي نالي سان مشھور ٿيو ۽ دادلوءَ جا ڳوٺ قائم ٿيا. 19 صدي جي آخر تائين پنو عاقل هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي صورت ۾ هو، جڏهن تہ پني عاقل جي لنجاري، چيچڙي (ڏسو: چيچڙو)، پنهواري (ڏسو: پنهواري)، آريئڙي (ڏسو: آريئڙو) ۽ ٻين ڳوٺن جو ذڪر تاريخن ۾ ملي ٿو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ان وقت تائين هن ڳوٺ جي خاص حيثيت نہ هئي، ان ڪري بہ جو شهرن ۽ ڳوٺن جي اهميت ان وقت درياھہ جي ڪناري تي هجڻ ڪري هوندي هئي، پر ويهين صديءَ ۾ خاص طور انگريزن جي دؤر ۾ هي ڳوٺ شھر جي صورت اختيار ڪري چڪو هو.
پني عاقل کي 1886ع ۾ محال يا ماڳ جو درجو ملي ويو ۽ 1902 ع ۾ کيس تعلقي جو درجو حاصل ٿيو. 1908 ع ۾ هتي مختيارڪار آفيس جڙي راس ٿي هئي، جيڪا اڃا بہ آهي، پني عاقل جون حدون جيڪب آباد، شڪارپور ۽ گهوٽڪيءَ سان ملن ٿيون، جڏهن تہ ان جي اوڀر ۾ اڇڙي ٿر جون ڀٽون ۽ ڀارت جا جيسلمير ۽ بيڪانير ضلعا آهن.
پنو عاقل تعلقو ٻن سپروائيزري سرڪلن پني عاقل ۽ سلطانپور ۾ ورهايل آهي، جنهن مان هر سرڪل ۾ اٺ اٺ تپا آهن، انهن تپن ۾ پنو عاقل، ننداپور، شاهپور، ٻُڍ، نوراجا، هنڱورو، سندر ٻيلو، پنهواري، سلطانپور، مبارڪپور، همٿر، ٻلهڻي، جوڻاس، دادلوءِ، چيچڙو ۽ نرڇ شامل آهن. پني عاقل تعلقي جي ايراضي 407 چورس ميل آهي جنهن ۾ 96 ديهون، ۽ 516 رجسٽرڊ ڳوٺ آهن. جڏهن تہ 1998ع جي آدمشماري هتان جي مطابق ڪل آبادي 254187 هئي، جنهن ۾ هاڻي اضافو بہ ٿيو آهي. هن تعلقي ۾ 12 يونين ڪائونسلون آهن. پنو عاقل تعلقو ضلعي سکر جي زرخيز زراعت جي لحاظ کان اهم تعلقو آهي. هتان جي زمين لٽاشي، مٺي ۽ پاڻي مٺو آهي. جڏهن تہ اوڀر ۾ وارياسي آهي، هتي سنڌو نديءَ جا ٻن کان وڌيڪ گهاڙ وهن ٿا. مشھور شاھہ ٻيلو جيڪو ڪنهن وقت مڪي شاھہ کي جاگير طور مليو هو، پني عاقل جي ڪچي ۾ آهي. هي ٻيلو قدامت، وسعت ۽ شادابيءَ ڪري سنڌ جي اهم ۽ مشھور ٻيلن ۾ شمار ٿئي ٿو. جتي سنڌ حڪومت سفاري پارڪ جوڙڻ جو منصوبو تيار ڪري رهي آهي. هتان جي ٻين ٻيلن ۾ شاهپور ٻيلو، عزيزپور ٻيلو، پنهواري ٻيلو، صالحاڻي ٻيلو ۽ سلطانپور ٻيلو وغيرہ مشھور رهيا آهن. انهن ٻيلن مان قيمتي ڪاٺ، ٻارڻ جون ڪاٺيون، کئونر، ميڻ، ماکي ۽ واڻ جام ملي ٿو.
پني عاقل جي اوڀر ۾ جيئن تہ وڏي سرحد ڀارت سان ملي ٿي، ان ڪري پاڪستان سرڪار دفاعي اهميت کي آڏو رکندي 1988ع ۾ پني عاقل جي اوڀر ڏکڻ ۾ وڏي فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي ويئي، جيڪا وسيع ۽ عريض ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. جتي 16 ڊويزن جو جنرل آفيسر ڪمانڊنٽ (G.O.C) رهي ٿو، جيڪو ميجر جنرل جي رينڪ جو آهي. هتي تمام وڏي فوجي اسپتال بہ آهي، جتي هر قسم جو علاج ٿئي ٿو. قابل ۽ ماهر ڊاڪٽر سرجن ۽ فزيشن علاج ڪن ٿا. ڇانوڻي ۾ آرمي پبلڪ اسڪول، آرمي پبلڪ ڪاليج بہ آهي، جتان آرمي جي ماڻهن سان گڏ سول جا ماڻهو بہ صحت ۽ تعليم جو لاڀ وٺي رهيا آهن. ڪينٽونمينٽ بورڊ بہ آهي، پنو عاقل ڇانوڻي هڪ الڳ شھر جو ڏيک ڏئي ٿي، هتان جي جامع مسجد، ٺٽي جي شاھجھان مسجد جي نموني ٺهرائي وئي آهي، جيڪا ڏسڻ وٽان آهي. خاص طور طويل گنبذ ۽ مغل دؤر طرز جا تعمير ٿيل قبا انتهائي خوبصورت ڏيک ڏيئي رهيا آهن. ان کانسواءِ باغيچا ۽ خريداريءَ جا مرڪز بہ هتي قائم آهن. پني عاقل فوجي ڇانوڻيءَ جي قيام تي سنڌ جي ماڻهن/ سياسي جماعتن وڏا اعتراض ڪيا هئا.
پنو عاقل شھر سڄي ملڪ سان نيشنل هاءِ وي ۽ ريلوي لائين ذريعي ڳنڍيل آهي ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي. هتي ريلوي لائين انگريزن پاران 1879ع ۾ مڪمل ٿي ۽ 1898ع ۾ هتي ريلوي اسٽيشن قائم ٿي، ان وقت سانگي ريلوي اسٽيشن هن اسٽيشن کان وڏي هئي، جيڪا پني عاقل تعلقي ۾ ئي آهي. هن وقت ڪراچي کان لاهور ويندڙ ريلوي ٽريڪ تي روهڙي جنڪشن کان 40 ميلن جي فاصلي تي پنو عاقل ريلوي اسٽيشن آهي. پني عاقل کي ڪچي جي وسيع ايراضي آهي، نوراجا ۽ سڌوجا يونين ڪائونسلون گهڻي ڀاڱي ڪچي جي ايراضيءَ ۾ آهن. جنهن کي آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ سنڌو درياھہ سيراب ڪندو آهي، جنهنڪري هتي ربيع ۾ زبردست فصل ٿين ٿا. پني عاقل کي قدرت ڍنڍن ۽ ڍورن سان بہ نوازيو آهي. هتي خان شاھہ ڍنڍ، نبي شاھہ، عبدالله شاھہ، شاهپور ۽ همٿر ڍنڍون موجود آهن، جتي مڇي جام ملي ٿي، هتان جو جر اڪثر مٺو آهي ۽ مٺي جر جي ڪري پاڻي صحت بخش ۽ هاضميدار آهي. انهن ڍنڍن ڍورن، ٻيلن ۽ درياھہ جي گهاڙن ۾ هر قسم جو شڪار ٿئي ٿو ۽ انيڪ قسمن جا پکي ۽ جانور بہ ملن ٿا. پني عاقل تعلقي ۾ آبپاشيءَ جو بہ موثر نظام رهيو آهي. گڊو بئراج کان اڳ ۾ سنڌونديءَ مان ڪيئي واھہ وهندا هئا، ان کان سواءِ کوهن ۽ کوهاڏن تي بہ زمينون آباد ڪيون وينديون هيون، جڏهن تہ گڊو بئراج ٺھڻ کان پوءِ پني عاقل تعلقي کي گهوٽڪي فيڊر ۽ قاضي واھہ رستي بھترين آبپاشي نظام ميسر ڪيو ويو آهي. پني عاقل ۾ ايريگيشن جون ٻہ سب ڊويزنون پنو عاقل ۽ مهيسرو ڪم ڪري رهيون آهن. هن وقت تعلقي ۾ ڪيئي واھہ، ڪئنال ۽ مائينرون آهن، جن سان تعلقي جو وڏو حصو آباد ۽ ماڻهو خوشحال آهن. پني عاقل تعلقي ۾ هر قسم جو فصل، اناج، داليون، تيلي ٻج، ڪپھہ، ميوو ۽ ڀاڄيون وغيرہ ٿين ٿيون. هتان جي سبزي منڊيءَ ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان واپاري اچن ٿا ۽ خريد فروخت ٿئي ٿي. سبزي ۾ خاص ڪري هتان ڪريلو، ڀينڊي، واڱڻ ۽ ميون ۾ انب، کارڪون ۽ ٻير ملڪ جي سڀني صوبن ڏانهن وڃن ٿا. پني عاقل مان اناج ۽ داليون بہ ٻاهر وڃن ٿيون. هن وقت اسٽرابري جي پوک بہ گهڻي هتي ٿئي ٿي، جيڪا سڄي ملڪ ۾ موڪلي وڃي ٿي. انهن جا وڏا واپاري هتي رهن ٿا. پني عاقل جي اناج مـنـڊي بہ زير تعمير آهي. جنهن سان پني عاقل جي واپار کي اڃا بہ وڌيڪ هٿي ملندي.
پنو عاقل صنعتي طور بہ اڳتي رهيو آهي. هتي ڪنهن زماني ۾ ورهاڱي کان اڳ ٽي رائيس ملون ۽ هڪ فلور مل هئي، جنهن جا مالڪ چترو مل، گرداس مل، لوٽو مل، سيٺ راڌارام ۽ ڌنو مل هئا. ان کان سواءِ ڳوٺ عالم خان جتوئي، سانگي ۽ نوراجا ۾ ڪپڙي ٺاهڻ جا ڪارخانا بہ هئا. هن وقت بہ پني عاقل ۾ ڦٽين ٽاڻڻ جا ڪيترا ڪارخانا، رائيس ملون، فلور ملون، آئل ملون، چمڙي رڱڻ جا ڪارخانا آهن، جڏهن تہ پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو هڏن پيهڻ جو ڪارخانو بہ ’نجيب بون ملز‘ هتي قائم آهي، جيڪو شھر جي وچ ۾ اچڻ ۽ بدبو پکڙجڻ ڪري شهرين جي جدوجھد ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪم سان هتان ٻاهر منتقل ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ هتي ڪيئي آرا مشينون، فرنيچر جا ڪارخانا، برف جا ڪارخانا ۽ ڪپڙي ٺاهڻ جا آڏاڻا بہ قائم آهن.
تعليم يا خواندگيءَ جي لحاظ کان هي تعلقو ڪافي اڳتي آهي، هتي پبلڪ سيڪٽر ۾ هڪ ڊگري ڪاليج، ٽي هائير سيڪنڊري اسڪول، هڪ ڊزن کان مٿي هاءِ اسڪول ۽ ڪيئي ايليمينٽري ۽ پرائمري اسڪول آهن، جتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي بهتر تعليم جو بندوبست آهي. جڏهن تہ مهراڻ ماڊل اسڪول/ ڪاليج ۽ روشن تارا هائير سيڪنڊري اسڪول سميت ڪيترائي نجي اسڪول بہ موجود آهن. تعليمي حوالي سان هي اتر سنڌ جو مشھور شھر آهي. هتي هڪ مونو ٽيڪنڪ ادارو ۽ هڪ پرائيويٽ انسٽيٽيوٽ (رڊ) گونگن ۽ ٻوڙن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.
ديني تعليم جي لحاظ کان بہ پنو عاقل ڏکڻ ايشيا ۾ مشھور رهيو آهي. هتان جو الفاضل سنڌي حضرت ولي دهلويءَ جو استاد هو، جنهن جو پڙ پوٽو علامہ عبدالقادر پنهواريءَ وارو استاد العلماءَ سڏجي ٿو. جنهن وٽ پنهواريءَ جي مدرسي ۾ مولانا تاج محمد امروٽي (ڏسو: تاج محمد امروٽي)، شيخ عبدالعزيز ٿريچاڻوي (ڏسو: ٿريڇاڻوي، عبدالعزيز)، مولوي احمد شيخ، مولوي غلام حيدر شاھہ، نور محمد ملڪ عادلپور، حڪيم قائم الدين مهر، مولوي فيض الڪريم مھر ۽ ٻيا پڙهيا هئا. پني عاقل ۾ ڪيئي مدرسا، امام بارگاهون ۽ جامع مسجدون آهن، جن مان لوڙهي وارو مدرسو گهڻو مشھور آهي، جتي ڪنهن زماني ۾ لطيف سائينءَ جي ترسڻ جون ڳالهيون عام آهن.
هتي ڪيتريون درگاهون، خانقاهون، آستانا، درٻارون ۽ مڙهيون بہ آهن. پني عاقل تعلقي جي وڏي ۾ وڏي درگاھہ هاليجي شريف آهي جنهن جي نسبت جو سلسلو سڄي پاڪستان ۾ پکڙيل آهي. درگاھہ بائيجي شريف (ڏسو: بائجي شريف) ۽ درگاھہ ٿريچاڻوي شريف هتان جون وڏيون درگاهون آهن. درگاھہ ٿريچاڻوي ريشمي رومال تحريڪ جو مرڪز رهي آهي، حضرت تاج محمد امروٽي صاحب جا چئن مان ٽي خليفا حضرت هاليجوي'>حماد هاليجوي، خليفو محمد صالح ۽ شيخ عبدالعزيز ٿريچاڻوي مٿين درگاهن جا باني هئا. پني عاقل ۾ جيڪي ٻيون خانقاهون موجود آهن، تن ۾ درگاھہ بگو شير، درگاھہ پير رڪن الدين قريشي، خانقاھہ ميان ميوو، خانقاھہ محمد شاھہ مست، خانقاھہ جهـانيـان، خـانقـاھہ پـريـل شـاھہ، خـانقـاھہ ميان حنيـفـو، خانقاھہ ميان بيگ خضراڻي، خانقاھہ فقير جو ڳوٺ، درگاھہ ميان جمال الدين، ميان بخش ۽ ابوبڪر سهڙو وغيرہ کان سواءِ هتي آستانا بہ آهن جن ۾ سانگيءَ ۾ موجود آچر فقير جو آستان، ڀٽائيءَ جو آستانو سانگي (پنو عاقل)، داتا، ولايت شاھہ جو اوتارو (پنو عاقل) ڀٽائي جو تڪيو (ڳوٺ رب رکيو ميراڻي)، ڀٽائي جو اوتارو (ڳوٺ ڪريم ڏنو شيخ) ۽ قلندر شھباز جو اوتارو (نوراجا) مشھور آهن.
پني عاقل ۾ هندو توڙي مسلمان شروع کان هميشہ ميٺ ۽ محبت سان گڏ رهندا آيا آهن. هتي هندن جا بہ ڪيئي جڳ مشھور ساڌو ۽ سنت ٿي گذريا آهن، جن جا مندر مڙهيون ۽ سماڌيون مشھور رهيون آهن جن مان ڪن تي ميلا بہ لڳند اآهن، انهن ۾ سنت ديال داس، عرف راجا حاتم ڀيلارن واري جي سماڌي بہ هڪ آهي، جتي ورهاڱي کان اڳ کان وٺي عاليشان ميلو لڳندو رهيو آهي، چونگهن واري سنت ولي رام جي سماڌي بہ مشھور هو، جيڪو روهڙي واري وسڻ شاھہ جو مُريد هو، هن جي سماڌيءَ تي چونگهن ۾ خوبصورت ٻارنهن دري عمارت هئي، جتي هر سال عاليشان ميلو لڳندو هو. بائيجيءَ ۾ اداس پنٿ وارن جي مڙهي هئي، جنهن کي بلڪل مٽايو ويو آهي. پني عاقل ۾ ماتا ديوي آستان، چيچڙي سنت ايسرداس سنڄوڳيءَ جي مڙهي بہ آهي، جتي عاليشان قبر اڏيل آهي جيڪو اڄ سالم حالت ۾ موجود آهي. ان کان سواءِ آسوديرام (ڏسو: آسودارام سنت، جلد ٻيو- ضميمو) درٻار بہ سالم حالت ۾ موجود آهي. جنهن کي تازو ئي جديد انداز ۾ تعمير ڪيو ويو آهي. اتي آسودا رام جي سماڌي آهي، جتي شيشي جو ڪم ٿيل آهي. هن درٻار جي گاديسر سنت چانڊورام (ڏسو: چانڊورام) آهي. جنهن جي اڄ ڪلھہ هنڌ، سنڌ ۾ هاڪ آهي ۽ هن جو ڀارت جي شھر لکنؤ ۾ وسيع ۽ عريض آشرم آهي ان کان سواءِ دل درٻار، هزاري رام جي چوٿين واري مڙهي، گلو رام درٻار ۽ سندن مڙهي شامل آهن.
پني عاقل تعلقي جا ڪيئي قبرستان مشھور آهن، جن ۾ پير باعد جو قبرستان. (ڏسو: باعد پير) 85 ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ سنڌ ۾ مڪليءَ کان پوءِ قدامت ۽ ايراضيءَ جي لحاظ کان وڏو قبرستان آهي. اتي شيخ پير احمد غبارو بگو شير ۽ ميان باعد جا پراڻا موجود روضا آهن. هتي ڪافي تاريخي هنڌ ۽ جايون ۽ آثار قديمہ جا نشان بہ موجود آهن، جيڪي هاڪڙي درياھہ کي سنڌو درياھہ سان ملائيندا هئا. ان پٽيءَ تي ٻيا قديم شھر ٻلهڻي، اڌ لکو، گروڙ، گراهر، ڪرنجر، مامڙو، مٺڙائو، گهٽي، گهوٽڙو آهن. گهوٽڙو پنو عاقل تعلقي جو آخري ڦٽل شھر آهي، جتان ڀارت جي علائقي جيسلمير جي حد شروع ٿئي ٿي. چچ نامي ۾ جنهن چترور جي قلعي جو ذڪر آهي، اهو آريئڙي واري هنڌ تي هو، جنهن جو اروڙ سان خاص تعلق هو. راجا ڏاهر جو پٽ گوپي، اروڙ جي فتح کان پوءِ آريئڙي سرنگهہ رستي آيو هو ۽ هتي پناھہ ورتي هئائين. هي قديم شھر سومرن جي دؤر ۾ ڦٽي ويو ۽ اڄ آري مقام نالي قبرستان ۽ آريئڙي نالي ڳوٺ جي صورت ۾ موجود آهي. آريئڙي جي ڀرسان هڪ ٻيو ڦِٽل ڳوٺ ٿمي بہ موجود آهي، جنهن لاءِ مقامي ماڻهن وٽ مختلف ڏند ڪٿائون آهن.
عاقلن جي هن شھر وڏا وڏا عالم، اديب، شاعر فنڪار ۽ استاد پيدا ڪيا آهن.
سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن ۾ پني عاقل جو شاعر غمدل فقير (ڏسندا: غمدل فقير)، نورل کٽي، عبدالقادر ’عبد‘ سولنگي، لال محمد لال، جنگل فقير مهر، بھاءُ الدين مهرو، ڪندن مل، دائود کان علاوہ سنڌ جي پهرين ڪلاسيڪل صاحب تصوف عورت شاعرہ مائي فاطمہ لال موچياڻي (ڏسندا: فاطمہ لال موچياڻي) بہ هتان جي هئي.
پني عاقل جا اهي عالم ۽ اديب ۽ ڪجهہ نوجوان اديب جن کي صاحب ڪتاب هئڻ جو اعزاز حاصل آهي، تن ۾: عبدالقادر پنهواري وارو، مولانا حماد هالجوي، شيخ ابوبڪر شبلي، مولانا عبدالواحد سنڌي، تاج بلوچ (ڏسو: بلوچ، تاج- جلد پهريون)، فتاح ملڪ، سرور سيف، نٿو مل ملنگ، غوثل ميراڻي، حاجن حبدار، الاهي بخش سانگي، محمد حسن مشتاق، محمد حسن شيخ، حميرا نور، شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ، تعليمدان محمد عالم عباسي، انورالدين شيخ (ڏسو: انور الدين شيخ، جلد ٻيو، ضميمو)، شمس الدين شيخ، ضياءُ الدين شيخ، عبدالرحيم عزمي، بيخود بلوچ، حافظ ارشد انڍڙ، رفيق انڍڙ، انڍڙ'> فضل انڍڙ، سليم انڍڙ، علامہ سليمان طاهر، راڻو ڀٽار، سرور سميجو، اسد چاچڙ، پريل دايو ۽ شوڪت چاچڙ شامل آهن. ماضي بعيد توڙي قريب ۾ جن پني عاقل واسين صحافت ۾ نالو ڪڍيو. اخبارون ۽ رسالا جاري ڪيا، تن ۾ محرم شيخ، عبدالله بلوچ، محمد علي بلوچ، مولابخش ڀٽو ۽ امر حيدري شامل آهن. هتي سنڌي ادبي سنگت جي شاخ 1975ع کان قائم آهي.
مائي بيگم فقيرياڻي (ڏسو: بيگم فقيرياڻي، جلد پهريون) جنهن راڳ ۽ موسيقيءَ جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو اها بہ رضا ڳوٺ تعلقي پني عاقل ۾ ڄائي هئي. جڏهن تہ هتان جي ٻين فنڪارن ۾ مشتاق شيخ، الھندو فقير، گل بخاري، ابراهيم سميجو، عبدالرحمان عظيماڻي، رب نواز مهيسر، امتياز چاچڙ، ماسٽر برڪت ۽ استاد ارباب وغيرہ شامل آهن. جڏهن تہ شرنائيءَ ۾ رب نواز، طبلي تي شھباز ڏنو، بينجي ۾ عاشق شيخ، هارمونيم ۾ محمد سچل وڏو نالو ڪمايو آهي.
اهڙيءَ طرح هن شھر ۾ راندين جا سٺا رانديگر پيدا ٿيا آهن، جن ۾ آفتاب سومرو، نذير چنو، ياسر بلو، عبدالوحيد شيخ، محمد ياسين، شڪيل آچراڻي، عبدالرحمان شيخ، عبدالناصر شيخ ۽ عبدالسلام شيخ اچي وڃن ٿا ۽ اداڪاري ۽ صداڪاريءَ ۾ بہ هتان جي نوجوانن پنهنجا جوهر ڏيکاريا آهن. سماجي ڪمن ۾ پني عاقل ۾ مائي پارپتي ماڙيچاڻي (ڏسو: پارپتي ماڙيچاڻي)، مهراج سيتل داس (ڏسو: سيتل داس سامياستاد انورالدين شيخ جا نالا شامل آهن. جن پني عاقل جي عوام جي بلا امتياز خدمت ڪئي، انهن جا نالا احترام سان کنيا وڃن ٿا.


لفظ پنو عاقلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو