پنچ تنتر: سنسڪرت ۾ لکيل آکاڻين ۽ ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جيڪو پنجين عيسوي صديءَ جي آخر ڌاري وشنو شرما، ڪنهن راجا جي پٽن لاءِ نصيحت ۽ سمجهاڻيءَ لاءِ لکيو هو. جيڪو ’هِتو اُپيدش‘ نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. هيءُ ڪتاب اوڀر توڙي اولھہ جي ڪيترين زبانن ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو آهي. هيءُ ڪتاب نوشيروان جي حڪم تي ڇهين صديءَ ۾ پهلوي زبان (پُراڻي فارسي) زبان ۾ شايع ٿيو. نائين صديءَ ۾ عربي زبان ۾ ’ڪليلھ ودمنھ‘ جي نالي سان ترجمو ٿيو، ان کان پوءِ يا اڳ عبراني، سيراني، ترڪي ۽ يوناني زبانن ۾ بہ ترجمو ڪيو ويو جن مان وري يورپ جي زبانن ۾ ترجمو ٿيو ۽ انگلنڊ ۾ Pilpay’s Fables (Fables of Bidpai) عنوان سان شايع ٿيو. موجودہ ايران ۾ اهو ڪتاب، ’انوارِ سهيلي‘ ۽ ’عِيارِ دانش‘ جو بنياد آهي. پويون ڪتاب هندوستان ۾ ’خِردِ افروز‘ جي عنوان سان ڇپيو. اهي آکاڻيون هندستان ۾ گهڻو مشھور آهن ۽ اُتان ئي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيون. اصل متن ۽ ترجمن جا ڪيترائي ڇاپا ڇپيل آهن. سنڌي زبان ۾ 1995ع ۾ هندستان ڪتاب گهر، بمبئي وارن هن ڪتاب جو ترجمو شايع ڪيو.