
پنڊت نکيل بينرجي
پنڊت نکيل بينرجي (ستار نواز): استاد علاءُ الدين خان جو شاگرد نکيل بينرجي، سال 1931ع ۾ ڄائو. استاد علاؤ الدين جي وفات کان پوءِ هن استاد علي اڪبر خان ۽ اروناپور ديويءَ کان ستار جي تعليم ورتي. هن ڪيترو ئي عرصو ”علي اڪبر ڪاليج آف ميوزڪ“ ۾ تعليم ڏني ۽ استاد علي اڪبر خان سان جگل بنديءَ ۾ ڳاتو. هن هندستان کان ٻاهر آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن کي موسيقي رڪارڊ ڪرائڻ ۾ مزو نہ ايندو هو ۽ پنهنجو الڳ مزاج رکندو هو. هن هميشہ تخليق ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ هميشہ ماڻهن جي سامهون اچي پنھنجي فن جي مظاهري ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني، پر جيڪڏهن هن جون ڪي ڪيسٽون ۽ سيڊيون آهن به، تہ اهي Live (سڌيون ڳائيندي) رڪارڊنگ جون آهن. هن کي راڳداريءَ جي علم جي وڏي ڄاڻ هئي ۽ مختلف راڳڻيون ستار تي وڄائيندو هو، هن 54 ورهين جي عمر ۾ 1986ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس شاگردن جو تعداد ڪافي آهي.