پنڊت وشنو ڊگمبر پلسڪر

پنڊت وشنو ڊگمبر پُلسڪر: هندستان جو هيءُ مشھور گائڪ، شڪارپور جي هانڊن ۾ هندستان کان ايندو هو. ”خيال“ جي گائڪيءَ ۾ گهڻي شھرت رکندو هو. 1906ع ۾ لاهور جي سنگيت جي محفل ۾ درٻاري هن راڳ پيش ڪرڻ کان اڳ چيو هو تہ ”منهنجي دل چوي ٿي تہ اڄ هن درٻاري محفل ۾ راڳ کي اهڙي نموني پيش ڪريان، جو اوهين سڀ بيخوديءَ ۾ مون سان گڏ ڳائڻ لڳو.“ سندس چوڻ سچو ثابت ٿيو ۽ ان محفل ۾ سڀئي حاضرين هن ڪلاڪار سان گڏ ڳائڻ لڳا. کيس تيرهن پٽ هئا، جن مان گهڻا ننڍيءَ عمر ۾ گذاري ويا. سندس هڪ پٽ ڊي. وي. پُلسڪر بہ مشھور راڳي ٿي گذريو آهي. کيس هندستان جي 1953ع ۾ ٺهيل فلم ”بيجو باورا“ جي هڪ منظر ۾ تانسين ۽ بيجو باورا کي اڪبر شهنشاھہ جي درٻار ۾ موسيقيءَ جي مقابلي جو راڳ ڳائيندي ڏيکاريو ويو آهي، اهو راڳ ديسي ٽوڙي هو، جنهن جي بلمپت جا ٻول ”تمري گو، گاوي“ ۽ ”آج گاوت من جهوم ڪي“ وغيرہ آهن. هيءُ راڳ فلم ۾ هندستان جي مشھور گويي امير خان سان گڏ وشنو ڊگمبر جي پٽ ڊي. وي. پلسڪر ڳايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو