
پنڊت ڀڄن سوپاري
پنڊت ڀڄن سوپاري (سنتور نواز): سنتور ساز وڄائڻ وارا پاڪستان ۾ تمام ٿورا آهن، پر سنڌ ۾ شايد ئي ڪٿي هجن. هي ساز جيترو مٺو آهي، اوترو وڄائڻ ۾ اوکو بہ آهي. هن ساز جا ايران ۾ وڄائڻ وارا گهڻا آهن. ڪشمير جو پنڊت ڀڄن سوپاري، ابي ڏاڏي کان وٺي هن ساز جو وڄوت آهي، جنهن 1950ع ۾ جنم ورتو. هن سنتور جي ابتدا ۾ سڊکيا پنھنجي ڏاڏي کان ورتي، جنهن جو نالو ايس. جي. سوپاري هو. ان جي مرڻ کان پوءِ پنھنجي پيءُ پنڊت ايس. اين. سوپاري جو شاگرد ٿيو. هن ڪلاسيڪل ۽ مغربي موسيقيءَ جي تعليم بہ مڪمل ڪئي آهي. سوپاري هن وقت دنيا جو وڏي ۾ وڏو سنتور نواز آهي، جنهن مغربي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان اوارڊ حاصل ڪيا آهن. هن وقت هو آل انڊيا ريڊيو سان منسلڪ آهي. هي سنتور مان درپد ۽ خيال اهڙي تہ ڪاريگريءَ سان وڄائيندو آهي، جو ٻڌندڙن تي سحر طاري ٿيو وڃي. هن وقت سنتور جو کانئس وڏو دنيا ۾ ڪوبه وڄوت ڪونه آهي. هن ساز جا ڪجهہ وڄائيندڙ، ڪشمير، مظفر آباد ۽ سوات ۾ موجود آهن.