پنڊت ڪشنچند جيٽلي

پنڊت ڪشنچند جيٽلي: مشھور اديب، تاريخ نويس ۽ لسانيات جي ماهر، پنڊت ڪشنچند ولد ٽوپڻ لال جيٽلي جو جنم، 21 جولاءِ 1910ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو ۽ 18 جنوري 1995ع تي مهاراشٽر صوبي (ڀارت) جي پوني شھر ۾ ديهانت ڪيائين. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي دؤر ۾ سندس وڏا، فقير جي پڙ جي ويجهو مُکي گهٽيءَ ۾ پنهنجو گهر ٺهرائي اچي رهيا هئا. پنڊت ڪشنچند جو پيءُ ٽوپڻ لال وئديه ديسي طب (آيرويدڪ) ۽ سنسڪرت جو علم پنھنجي پيءُ کان حاصل ڪيو. ان کان پوءِ ڪلڪتي ۽ پرياگ (الھہ آباد) جي يونيورسٽين مان امتحان پاس ڪيائين. کيس سنڌ جي تاريخ جي اڀياس سان وڏو چاھہ هو. هن آڳاٽيءَ سنڌ جي سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ جو خاص اڀياس ڪري، ويدن واري زماني بابت ڪافي تحقيقي مقالا لکي شايع ڪرايا. پنڊت ڪشنچند جا سنڌي ٻوليءَ، ساهت ۽ سنڌ جي اتهاس بابت سؤ کان بہ وڌيڪ تحقيقي مقالا ڇپيل آهن. 1942ع ۾ مختـلف تعليـمدانـن ۽ مفڪــرن سنـڌ ۾ ”وڪـرم يونيـورسـٽي“برپا ڪرڻ جي رٿ ٺاهي هئي، ان جو مکيہ مقصد سنڌ جي اتهاس، سڀيتا ۽ سنسڪرتي لپي وغيرہ تي تحقيق ڪرائڻ هو. ان رٿا لاءِ پنڊت ڪشنچند جيٽلي، سڄيءَ سنڌ جو دورو ڪري سنسڪرت، هندي ۽ سنڌيءَ ۾ هزار کن آڳاٽا قلمي نسخا هٿ ڪيا هئا، پر هندستان جي ورهاڱي سبب اهو خواب اڌورو رهجي ويو ۽ ڪتابي ذخيرو بہ ناس ٿي ويو. اهڙا سؤ کن نسخا، جيڪي ناس ٿيڻ کان بچي ويا، سي سندس شخصي لائبرريءَ ۾ موجود آهن، جن کي سندس لائق پُٽ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو عالم ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سنڀالي رهيو آهي.
سنڌ مان 1947ع واري ورهاڱي وقت لڏي وڃڻ کان پوءِ ڪشنچند ڪٽنب سميت پوني ۾ وڃي رهيو. ’موهن جي دڙي جي لپي‘، ’ويدن واري زماني جي سنڌ‘ وغيرہ موضوعن تي ڪيترا تحقيقي مقالا لکيائين، جيڪي آل انڊيا قومي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پڙهيائين. پنڊت ڪشنچند جي خاص خوبي اها هئي تہ هو 84-85 ورهين جي ڄمار ۾ بہ لڳاتار پندرهن سورهن ڪلاڪ لکڻ پڙهڻ ۽ اڀياس ڪرڻ ۾ مشغول رهندو هو. سندس ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل تحريرون هن ريت آهن:
(1) هنديءَ ۾ لکيل”سنڌي ڀاشا ڪا سنکپت پريچيه“ (سنڌي ٻوليءَ جي مختصر واقفيت: 1957ع)، (2) ”شرنگار لھر“ (سنسڪرت جي شعرن جو سنڌي نظم ۾ ترجمو: 1984ع)، (3) ”ميگهہ دوت“ (ڪاليداس جي سنسڪرت شعرن جي مشھور ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ساڳئي سنسڪرت ڇند ۾ ترجمو)، (4) ”سنڌي هٽ- واڻڪن اکرن جي تاريخ“ (هن ڪتاب ۾ هٽ واڻڪن يا خواجڪي لپيءَ جي ڀيٽ موهن جي دڙي جي اکرن ۽ براهمي لپيءَ سان ڪئي وئي آهي)، (5) ”موهن جو دڙو ۽ هڙاپا سنسڪرتي، انهيءَ وقت جي مهرن جي لپي ۽ ڀاشا“ (هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي مان لڌل مهرن جي پڙهڻي ۽ معنيٰ سمجهائي وئي آهي: 1985ع)، (6) ”سنڌي نالن ۾ سنڌيت جي سڳنڌ“ (سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي نالن جي اڀياس ذريعي سنڌ جي اتهاس جي جهلڪ پيش ڪيل آهي: 1986ع)، (7) ”سئنڌوي- سنسڪرتي“ (سنڌو تھذيب ۽ پراچين سنڌ جي اتهاس تي مراٺي ٻوليءَ ۾ لکيل مقالن جو مجموعو: (1991ع)، (8) ”سنج اپنشد“ (سنسڪرت ۾ لکيل ڪام شاستر ڪتاب جو ترجمو: (1988ع)، (9) ”سنڌي ويا ڪرڻ پراچيه“ (سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ: 1989ع) ۽ (10) ”سنڌي زيور (سنڌي زيورن جي باتصوير سمجهاڻي: (1994ع).پنڊت جيٽلي ”سنڌي شبد مهراڻ“ نالي سنڌي هم معنيٰ لفظن جي ڊڪشنري بہ تيار ڪئي هئي، جيڪا اڻ ڇپيل آهي ۽ سندس ٻيو بہ ڪيترو مواد اڻ ڇپيل حالت ۾ سندس فرزند ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي وٽ موجود آهي.


لفظ پنڊت ڪشنچند جيٽليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.07.21  عيسوي

مشهور اديب، تاريخ نويس ۽ لسانيات جي ماهر، پنڊت ڪشنچند ولد ٽوپڻ لال جيٽلي جو جنم، 21 جولاءِ 1910ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو.


1995.01.18  عيسوي

پنڊت ڪشنچند جيٽلي 18 جنوري 1995ع تي مهاراشٽر صوبي (ڀارت) جي پوني شهر ۾ ديهانت ڪيائين.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چندر ڪيسواڻي
شفيع محمد چانڊيو
سيد شاھہ محمد شاھہ
غلام رسول ڪلھوڙو
شيخ جاويد علي سنڌي
عنايت ﷲ سومرو سھيل
طارق اشرف
گرڌاري لال ڏوڏيجا
بھاري لعل ڇاٻڙيا 2
قاضي خادم حسين
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون