پنڊت1

پنڊت1: سنسڪرت ۾ مٿاهين درجي جي ودوان يعني عالم کي ’پنڊت‘ چئبو آهي، جيڪو نہ رڳو شاگردن کي تعليم ڏئي. پر هر علم ۽ موضوع جي ڄاڻ رکندڙ ودوان کي ’پنڊت‘ سڏيو ويو آهي. هندستان ۾ ڪيترائي مسلمان بہ ”پنڊت“ ٿي گذريا آهن، جن مان ٻہ نالا هت ڳڻائجن ٿا، جن سنسڪرت ٻوليءَ ۾ تحقيقي ڪتاب لکيا. اُنهن مان هڪڙو هو پنڊت مولوي عبدالرحيم شاستري، سنسڪرت جو ليڪچرار علي ڳڙھہ مسلم يونيورسٽي ۾ سنسڪرت جو ليڪچرر ۽ ٻيو هو مولوي پنڊت حبيب الرحمان، جنهن جو سينگار جي شاعريءَ تي ڪتاب ’فلسفهء انبساط‘ مشھور آهي. سنڌ ۾ خصوصاً ٿر واري علائقي ۾ مکيہ ڏهاڙن جون رسمون ادا ڪرائيندڙ برهمڻ/ ٻانڀڻ کي بہ پنڊت چوندا آهن. اهي شادي توڙي غميءَ جون رسمون ۽ پوڄا پاٺ ڪرائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو