
پنڪج اُڌاس
پنڪج اُڌاس: ڀارت جو ناميارو غزل گائڪ پنڪج اڌاس 17 مئي 1951ع تي جيتپور لڳ راج ڪوٽ، رياست گجرات ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو ڪيسو ڀائي اداس ۽ ماءُ جو نالو جيتوبن اداس آهي. هن جو واسطو چارڻ برادريءَ سان آهي. پنڪج اداس ٽن ڀائرن ۾ سڀني کان ننڍو آهي. سندس ننڍي ڀاءُ منهر اداس بالي ووڊ موويز ۾ هندي پلي بئڪ سنگر طور وڏي ڪاميابي ماڻي. سندس ٻيو ڀاءُ نرمل اداس بہ مشھور غزل گائڪ آهي. جنهن سڀني ڀائرن ۾ سڀ کان اڳ گائڪيءَ جي دنيا ۾ پير پاتو. پنڪج اداس ابتدائي تعليم سر BPTI ڀاونگر ۾ حاصل ڪئي. ان بعد جڏهن هن جو خاندان لڏي بمبئيءَ آيو تہ هن سينٽ زيويئر ڪاليج (St. Xavier's College) ۾ داخلا ورتي. پنڪج اداس جو وڏو ڀاءُ منهر اسٽيج جو اداڪار بہ هو، جنهن سان گڏ هيءُ موسيقيءَ جي پروگرامن ۾ حصو وٺندو هو. هن ننڍيءَ عمر ۾ چين- ڀارت سرحدي جنگ (1962ع) دوران اسٽيج تي ’اي ميري وطن ڪي لوگو‘ گيت ڳاتو، جنهن دوران هڪ عام ٻڌندڙ کيس 51 رپيا انعام ڏنو. چئن سالن کان پوءِ هن ”شارابي نٽيه اڪيڊمي“ (Sharabi Natya Academy) راجڪوٽ ۾ داخلا ورتي ۽ طبلي وڄائڻ جا گُر سکيا. ان کان پوءِ هن ”سينٽ زيويئر“ ڪاليج مان B.Sc جي ڊگري وٺي هڪ بار ۾ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ گڏوگڏ ڳائيندو بہ رهيو. هن پهريون ڀيرو 1972ع ۾ فلم ”ڪامنا“ ۾ ڳايو، جيڪا ناڪام وئي. ان بعد هن غزل ڳائڻ شروع ڪيا ۽ اردو سکي غزل گائڪ طور پنھنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. مختصر ڪاميابيءَ کان پوءِ ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ رهيو ۽ اتي غزل ڳائڻ جي محفلن ۾ حصو وٺڻ بعد واپس هندستان آيو. هن هندستاني ميوزڪ انڊسٽري ۾ جڳجيت سنگهہ ۽ طلعت عزيز سان گڏ شرڪت ڪري مقبول موسيقيءَ ۾ وڏو نالو ڪمايو. هن جي غزلن جو پهريون البم ”آهٽ“ 1980ع ۾ رليز ٿيو. جتان هن جي شھرت کي چار چنڊ لڳا ۽ 1990ع تائين هن جي غزلن جا 40 البم رليز ٿي چڪا. 1986ع ۾ کيس ٻيو ڀيرو فلم ”نام“ ۾ ڳائڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ هن ”چِٺي آئِي هي“ جهڙو گيت ڳائي وڏي شھرت ماڻي. ان کانپوءِ هن ڪيترين فلمن جھڙوڪ: ’ساجن‘، ’يي دل لگي‘، ’ڦر تيري ڪهاني ياد آئي‘ ۾ پلي بئڪ سنگر طور ڳايو. ان کانپوءِ هن سوني ٽيليويزن چينل جي مشھور پروگرام “آداب عرض“ ۾ حصو وٺي پاڻ مڃايو. سندس بهتر ڪارڪردگيءَ تي کيس ڪيترا اوارڊ ملي چڪا آهن. جھڙوڪ (1) ڪي. ايل سهگل اوارڊ (1985ع)، (2) انڊين جونيئر چيمبرس پاران اوارڊ (1990ع)، (3) جيانٽ (Giants) انٽرنيشـنـل اوارڊ (1993ع)، (4) ريڊيو لوٽس اوارڊ (1994ع)، (5) اندرا گانڌي پريد درشني اوارڊ (1996ع)،(6) انڊ آرٽس اوارڊز گالا (1998ع)،
(7) ڀارتيه وديد ڀون U.S.A اوارڊ (1999ع)، (8) ووڪيشنل ريڪگنيشن اوارڊ (2001ع)، (9) دادا ڀائي نورو جي اوارڊ (2003ع)، (10) ڪلاڪار اوارڊ (2006ع)، (11) پدماشري اوارڊ (2006ع) ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي اوارڊ اچي وڃن ٿا.
ڀارت جو وڏي ۾ وڏو ”پدماشري اوارڊ“ کيس غزل گائڪي جي سلوَر جوبليءَ جي موقعي تي ڏنو ويو هو.
1951.05.17 عيسوي
ڀارت جو ناميارو غزل گائڪ پنڪج اڌاس 17 مئي 1951ع تي جيتپور لڳ راج ڪوٽ، رياست گجرات ۾ ڄائو.