
پنڪچ آڏواڻي
پنڪچ آڏواڻي: پنڪچ آڏواڻي 24 جولاءِ 1985ع تي مھا راشٽر صوبي جي شھر پوني ۾ ڄائو. 15 ورهين جي ڄمار کان اڳ هن راندين جا ٽي عالمي ٽائيٽل کٽيا. 25 سالن جي عمر ۾ هي، سنوڪر جي ورلڊ چيمپين کي، جنهن 7 ڀيرا اهو ٽائيٽل برقرار رکيو هو، شڪست ڏئي عالمي چئمپين بنيو. پنڪچ آڏواڻيءَ جو خاندان سندس پيدائش کان ترت پوءِ ڪويت لڏي ويو، پر 1990ع ۾ سندس والد جي اوچتي موت کان پوءِ ٻيهر ڀارت لڏي اچي بئنگلور ۾ رهيا، جتي سندس تعليم اڃا جاري هئي تہ کيس ورلڊ چئمپين شپ جو تاج پارايو ويو. اڳوڻي قومي سنوڪر چيمپين آروند ساوور، 1995ع ۾ بئنگلور جي بليارڊ هال ۾ پهريون ڀيرو سندس راند ڏسي گهڻو متاثر ٿيو ۽ کيس باقاعدي تربيت ڏنائين. جنهن کان پوءِ سندس ڪاميابين جو سلسلو شروع ٿي ويو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي.