پنگل: پنگل، سنسڪرت جو هڪ وڏو عالم هو، جنهن ”ويدانڪ شاستر“ جي نالي سان سنسڪرت گرامر ۽ سنسڪرت ادب تي هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو، سندس زمانو 200 ق. م جو آهي. هندي شاعريءَ جي وزن کي ”پنگل“ چيو ويندو آهي.