پنهل خان چانڊيو

پنهل خان چانڊيو

پنھل خان چانڊيو

پنھل خان چانڊيو: ايم. آر. ڊي تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ خان چانڊيو'>پنھل خان چانڊيو، تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مير محمد چانڊيي ۾ رئيس مير خان چانڊيي جي گهر ۾ 1921ع ڌاري پيدا ٿيو. پنھون خان سچو، سادو ۽ بھادر سياسي ۽ سماجي شخصيت ٿي گذريو آهي. سندس تعليم سنڌي فائينل هئي. سياسي حوالي سان پنھنجي دوست ۽ اڳوڻي نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي صحبت ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ شروع کان آخر تائين پيپلزپارٽيءَ سان همدرديون رکيائين، توڙي جو سندس دوست غلام مصطفيٰ جتوئي پ پ پ کان ڌار ٿي نيشنل پيپلز پارٽيءَ نالي الڳ پارٽي ٺاهي ورتي هئي، پنھل خان چانڊيي جو اولاد اڄ سوڌو پ پ پ سان واڳيل آهي. خان چانڊيو'>پنھل خان چانڊيو، پنھنجي تر جي مختلف ذاتين جھڙوڪ: چانڊين، خاصخيلين، سولنگين ۽ مڱڻهارن وغيرہ جو چڱو مڙس هو. سندس خاصيت اها هئي تہ هو عام ماڻهوءَ جي ڳالھہ جو وڏو احترام ڪندو هو ۽ سندن هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيندو هو. هن ايم. آر. ڊي تحريڪ دؤران آمر ضياء الحق سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پنھنجي پٽ غلام عباس چانڊيي سان گڏ جيل جون سختيون بہ ڪاٽيون، مٿن سخت تشدد ڪيو ويو ۽ کين ڏھہ ڏھہ مهينا قيد جي سزا ڏني وئي. ايم. آر. ڊي جي هلچل دوران ڳوٺ پنھل چانڊئي جي سامهون نيشنل هاءِ وي، موجودہ پنھل ٽرڪنگ اسٽيشن واري هنڌ تي 29 سيپٽمبر 1983ع تي فوج پاران بھادر ڳوٺاڻن جي احتجاجي جلوس تي سڌيون گوليون هلايون ويون، جنهن ۾16 ڄڻا شھيد ۽ ڪيترا زخمي ٿيا. انهن ڳوٺاڻن جي هٿياربند مدد ڪرڻ جي الزام ۾ ساڳئي ڏينهن تي پنھل خان چانڊئي کي گرفتار ڪري، پهرين ڊسٽرڪٽ جيل نوابشاھہ ۽ پوءِ سينٽرل جيل خيرپور ۾ عتاب هيٺ رکيو ويو. هن قيد جون تڪليفون ۽ تشدد برداشت ڪيو ۽ آزاد ٿيڻ بعد جانبر نہ ٿي سگهيو، ۽ 16 اپريل 1984ع تي ساھہ ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين. سندس ان قربانيءَ جو محترمہ شھيد بينظير ڀٽو کي بہ وڏو قدر هو، جنهن سندس هڪ فرزند (شھيد) غلام عباس چانڊيي کي صوبائي صلاحڪار مقرر ڪيو هو ۽ سندس ٻئي پٽ غلام قادر چانڊيي کي هڪ ڀيرو مرڪز ۾ سينيٽر ۽ ٻہ ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ڪرائڻ جي همت افزائي ڪئي. غلام قادر چانڊيو 2008ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي PS-27 سڪرنڊ تان ڪامياب ٿيو ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر سان گڏ ضلعي شھيد بينظير آباد (نواب شاھہ) پيپلز پارٽيءَ جو صدر آهي. پنھل خان چانڊيي کي ’ايم.آر.ڊي تحريڪ جو هيرو‘ چيو وڃي ٿو. سندس آخري آرامگاھہ تعلقي سڪرنڊ ۾ سندس نالي سان موجود ڳوٺ پنھل خان چانڊيي ڀرسان راهو رتول قبرستان ۾ آهي.


لفظ پنھل خان چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو