پنھل فقير جوڻي جو لکايل رسالو

پنھل فقير جوڻي جو لکايل رسالو: شاھہ جي رسالي جو هيءُ نسخو ڀٽائي صاحب جي درگاھہ جي ڪنجي بردار پنھل فقير جوڻي شوق سان، ماستر عبدالله ٿهيم، ويٺل ڀٽ شاھہ ويجهو ڳوٺ محمود ٿھيم ڪاتب کان لکايو هو. ڪاتب عبدالله ٿھيم هي نسخو تاريخ 13 صفر 1383 هجري (6 جولاءِ 1963ع) تي لکي پورو ڪيو. هن رسالي ۾ 39 سُر، 5885 بيت ۽ 381 وايون شامل آهن. پنھل فقير جي چوڻ موجب: ”هن رسالي ۾ شامل بيتن ۽ واين جو دارومدار لاڙ ۾ هلندڙ عام روايتن تي آهي، جو ڪاتب عبدالله، اڪثر اُتي جي لکيل مسودن ۽ فقيرن جي پڙهڻين جي آڌار تي لکي تيار ڪيو هو ۽ پوءِ ان کي راڳ جي اڳواڻ مرحوم ابراهيم فقير خاصخيليءَ جي آڏو پڙهي، ان ۾ درستيون ڪيائين. ان کان پوءِ هي نسخو اُتاري صاف ڪري لکيائين.“ هن نسخي جي مطالعي مان پتو پوي ٿو تہ ان ۾ عام زباني روايتن وارا بيت بہ ڀٽائي صاحب ڏانهن منسوب ڪري شامل ڪيا ويا آهن. سڀراج، ڪانري ۽ گَنُوري جا مضمون اُهي ئي آهن، جيڪي ميين محمد ۽ ميين حسين واري نسخي ۾ ڏنل آهن، ۽ بيتن ۽ واين جو تعداد ٻين عام رسالن کان گهڻو وڌايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو