پنھل ڏهر

پنھل ڏهر: ناميارو اديب ۽ محقق محمد پنھل ڏهر، پهرين جون 1959ع تي ڳوٺ غلام علي ڏهر، تعلقي ڏهرڪي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ حاجي ڪانهيي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ 1975ع ۾ گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول ڏهرڪيءَ مان پاس ڪيائين. ايم. اي سنڌي ادب ۾، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ۽ 1990ع ۾ مسلم هسٽريءَ ۾ ڪيائين.
محمد پنھل ڏهر 1982ع ۾ پرائمري اُستاد مقرر ٿيو. 1993ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ بعد، پاڪستان ڪاليج خيرپور ۾ ليڪچرار ٿيو. ڪجهہ وقت گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ڏهرڪيءَ جو انچارج پرنسپال بہ رهيو ۽ هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميرپور ماٿيلي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. محمد پنھل ڏهر جو ادبي لاڙو تحقيق ڏانهن رهيو آهي. هن ڪلاسيڪي شاعري، شخصيتن ۽ ٻين علمي ادبي موضوعن تي 100 جي لڳ ڀڳ تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيڪي ٽماهي مهراڻ، نئين زندگي، ماهوار پيغام، سرمست ۽ ٻين مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب اچي وڃن ٿا:
(1) معارف حافظ الملت (حافظ محمد صديق ڀرچونڊيءَ واري جي شخصيت ۽ علمي خدمتون: (1995ع)، (2) ’سرمست‘ ۾ شايع ٿيل مواد جي مڪمل فهرست (2000ع)، (3) ڪلام صوفي عثمان فقير لغاري (2003ع).


لفظ پنھل ڏهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.06.01  عيسوي

ناميارو اديب ۽ محقق محمد پنهل ڏهر، پهرين جون 1959ع تي ڳوٺ غلام علي ڏهر، تعلقي ڏهرڪي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رمضان دلدار چڍڙ
روشن سندر چانڊيو
زيب ڀٽي
راشدي مهتاب اڪبر
نذير احمد چنا
چاولا ارجن
رحمت ﷲ ماڃوٺي
رُڪمڻي سندر چئناڻي
سحر انصاري
عبدالحق عظيم
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون