پنھون فقير ٻرڙو

پنھون فقير ٻرڙو: پنھون فقير ٻرڙو سردار ملڪ غيبي خان جي دؤر جو هڪ نيڪ بزرگ هو. سدائين ساوا ڪپڙا پائيندو هو. سندس چپ هر وقت چرپر ڪندا رهندا هئا. چيو وڃي ٿو تہ هي فقير رات ڏينهن صلواة پڙهندو هو. وفات وقت تائين اهو ورد جاري رکيائين. سال 1120ھہ/ 1708ع ۾ وفات ڪيائين، سندس جنازي نماز ملڪ غيبي خان پاڻ پڙهائي، سندس قبر تعلقي وارھہ جي رائنڪن جي قبرستان ۾ آهي.


لفظ پنھون فقير ٻرڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو