پنھون مل هميراڻي: پنھون مل جي پيءُ جو نالو هرچند هو، ذات جو ميگهواڙ هو. ٿر جي ڳوٺ گوڙهيار، تعلقي مٺي، ٿرپارڪر جو رهواسي هو. ننڍپڻ ۾ پنھنجي پيءُ سان گڏ ٿر مان ڍڳا وٺي گجرات ۽ ڪڇ طرف وڪرو ڪرڻ ويندو هو. جيئن تہ ڀارت جا اُتم ذات سڏائيندڙ هندو، هريجنن جي ٻارن کي اسڪولن ۽ مندرن ۾ داخل ٿيڻ نہ ڏيندا هُئا ۽ کين سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طور غلام بنائي ڇڏيو هئائين. ان ڪري پنھون مل، 1930ع ۾ اڇوتن جي اڳواڻ ڊاڪٽر امبيڊيڪر سان بمبئيءَ ۾ ملاقات ڪئي، ۽ ان جي سياسي ۽ سماجي تربيت هيٺ رهيو. سال 1935ع ۾ پنھون مل جي ملاقات سوامي ڪرشنانند سان ٿي، جيڪو ورهاڱي کان اڳ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو. سوامي کيس انڊين نئشنل ڪانگريس پارٽيءَ ۾ وٺي آيو ۽ سندس ملاقات سابرمتي آشرم ۾ مهاتما گانڌيءَ سان ڪرايائين. هن مهاتما گانڌيءَ کي هريجنن جي فلاح ۽ بھبود جي سلسلي ۾ چيو تہ ٿر ۾ هريجن اسڪول کولي، استاد مقرر ڪري ڏيو. مهاتما گانڌيءَ اها ڳالھہ تسليم ڪندي، سنڌ جي مشھور ڪانگريسي اڳواڻن، پروفيسر گهنشام، ڊاڪٽر چوئٿرام، ڄيٺي سپاهيملاڻي، ڄيٺمل پرسرام، لالچند امر ڏني مل جڳتياڻي، پروفيسر هاسانند جادوگر ۽ شاعر هوندراج دُکايل کي لکيو تہ ٿر ۾ هريجن اسڪول کولي، اُنهن ۾ سُٺا اُستاد مقرر ڪري ڏيو ۽ اُنهن جا پگهار، پارٽيءَ جي فنڊ مان ڏنا وڃن. پنھون مل، مهاتما گانڌيءَ جو پيغام کڻي حيدرآباد پهتو. انهن صاحبن ٿر ۾ 30 هريجن اسڪولي کولي اُستاد مقرر ڪري ڏنا، جن جي نگراني ۽ انتظام پنھون مل جي حوالي ڪيو ويو. انهن اسڪولن مان تعليم حاصل ڪيل نوجوانن ٿر جي ڀٽن واري علائقي ۾ وڏي سجاڳي آندي. پنھون مل هميراڻيءَ، ”لوڻ ٽوڙيو تحريڪ“ ۾ ننگرپارڪر شھر ۾ ان تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي هئي. پنھون مل، 1942ع ۾ ”ڪئٽ انڊيا“ هلچل ۾ حصو ورتو ۽ جيل بہ ويو. مُلڪ جي ورهاڱي وقت هن سنڌ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ۽ ٿر جي ڳوٺ ’همير جي ڍاڻيءَ‘ ۾ ئي رهيو. سال 1948ع ۾ هن، سرڳواسي گهمن سنگهہ ڀيل ۽ عالم چند ڪولهيءَ سان گڏجي ”هريجن سماج سڌار سنگت، سنڌ“ جو بنياد وڌو. انهيءَ پليٽ فارم تان ڪافي ماڻهن کي روزگار جا ذريعا ميسر ٿيا. پنھون مل هميراڻيءَ جو هڪ وڏو ڪارنامو، جيڪو ٿر جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي، سو اهو هو تہ 1971ع واري پاڪ- ڀارت جنگ ۾ هن ٿر جي هزارين مسلمانن جو دفاع ڪيو؛ جڏهن تہ سندس ڳوٺ بہ هندستاني فوج جي قبضي ۾ اچي چڪو هو.
پنھون مل هتي جي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ تمام گهڻو مشھور هو. سندس ذاتي لائبرريءَ ۾ سوين ڪتاب هئا. هن جا سائين جي. ايم. سيد، حيدر بخش جتوئيءَ، مسڪين جھان خان کوسي، مير محمد بخش ٽالپر، محمد عثمان ڏيپلائيءَ، رائچند هريجن، راشد مورائيءَ، تاج جويي، انب گوپانگ، مجرم لغاريءَ ۽ ڄام ساقيءَ سان دوستاڻا تعلقات هئا. هو 1995ع ۾ گذاري ويو. سندس فرزند سترامداس هميراڻي پرائمري اُستاد هو، جيڪو رٽائرمينٽ کان پوءِ مٺيءَ ۾ رهي ٿو. سندس ڀائٽيو سنڀو هميراڻي ناميارو اديب، استاد ۽ سماجي سڌارڪ ٿي گذريو آهي، جنهن ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ مسڪين جھان خان کوسي سان گڏجي هارين ۽ غريب ٿرين جي سجاڳيءَ ۽ خدمت جا ڪم ڪيا.