پنھير پنھيار

پنھير/ پنھيار: هن ذات وارا سماٽ آهن، پنهيار، پنهور ذات مان ڦٽل هڪ ذات آهي. ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا جي مصنف موجب پنھيار لفظ جي لغوي معنيٰ آهي پاڻي پيارڻ وارا مارو، جيڪي اڪثر مشڪن ۾ پاڻي ڀري مال چاريندا آهن ۽ مشڪن ۾ پاڻي ڀري گهر گهر پهچائيندا آهن. هن ذات وارن کي بھشتي پڻ سڏيو ويندو آهي. هن ذات جي خاص پاڙن ۾ باگراڻي، جائيداڻي، ڀلائي، ڏيڏرا، گادا، عيساڻي، ڪابورا، لاکيپوٽا، ماهيا، ردي، راجائي، راموٿا، تلاڻي، سقا وغيرہ آهن. پنھيار سنڌ جي هر ڀاڱي ۾ رهن ٿا. سکر جي ڀر ۾ رهندڙ پنھيار ذات وارن مان اڪثر پير صاحب پاڳاري جا مريد آهن ۽ انهن مان فقير غلام قادر پنھيار نالي پير پاڳاري جو اڳوڻو خليفو بہ رهي چڪو آهي. بوبڪ، تعلقي سيوهڻ ۾ سندن گهڻو انگ رهي ٿو. سندن ڪيترائي ڳوٺ آهن، جتي محمد عمر پنھير سندن چڱو مڙس آهي. اتي سندن پيشو زراعت آهي. ڪتاب "Indian Tribes and Castes" جي ليکڪ ايس. ايم چنا کين راجپوت نسل جو لکيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو