پن بجلي: پاڻيءَ جي طاقت سان هلندڙ ’ڊائنامور‘ مان پيدا ٿيندڙ بجليءَ کي ’پن بجلي‘ چئبو آهي، جنهن جي پهرين مڪمل اڏاوت 1892ع ڌاري ڪئناڊا جي نياگرا نالي، دنيا جي وڏي ۾ وڏي آبشار وٽ ٿي. پاڪستان ۾ جيئن ته آبشار نه هئڻ جي برابر آهن، اُن ڪري پن بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ نهرن کي استعمال ۾ آندو وڃي ٿو. ان مقصد سان ڪنهن نهر کي اوچائيءَ تي آڻي، ان جي پاڻيءَ کي هيٺ ڪيرائيندا آهن. مصنوعي طرح پيدا ڪيل اُن آبشار جي هيٺان چرخيون لڳايون وينديون آهن. جيڪي ڪرندڙ پاڻيءَ جي زور سبب ڦرڻ لڳنديون آهن. هڪ لوهي سيخ ذريعي اهي چرخيون جنريٽر سان ڳنڍيل هونديون آهن. چرخين جي ڦرڻ سبب، لوهي سيخ ذريعي چرخيءَ سان ڳنڍيل جنريٽر بجلي پيدا ڪرڻ شروع ڪندا آهن، جيڪا ڏورانهن علائقن تائين، تارن ذريعي پهچائي ويندي آهي. جن ملڪن ۾ ڪوئلو تمام گهٽ پيدا ٿئي ٿو، اتي صنعت جي ترقيءَ لاءِ پن بجليءَ کي وڏي نعمت سمجهيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ ڪوئلو پيدا ٿئي ٿو، پر گهڻي وقت کان صنعتي گهرج لاءِ پن بجليءَ جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. خيبر پختونخوا ۾ مالاڪنڊ، وارسڪ، درگئي، پنجاب ۾ رسول، ميانوالي، منگلا ۽ تربيلا ۽ سنڌ ۾ ڪوٽڙي پراجيڪٽ ذريعي پن بجلي پيدا ڪرڻ جون اسڪيمون عمل هيٺ آهن. اتر آمريڪا، ناروي، فرانس، اٽلي، سوئيڊن، سوئٽزرلينڊ ۽ اسپين پن بجلي پيدا ڪرڻ ۾ اڳڀرا آهن. هن طريقي سان پيدا ڪيل بجلي نسبتاً سستي هوندي آهي، پر جيڪڏهن ڪوئلي کي استعمال ڪيو وڃي ته شايد اڃا به سستي پوي. پهاڙي علائقن ۾ پاڻيءَ جي طاقت سان اٽي پيهڻ جون چڪيون به پن بجليءَ تي هلنديون آهن.