پَهاڄَ: ڪنهن مرد جي هڪڙي زال هوندي به پرڻائي آندل زال، جنهن کي پهـريـن زال جـي ’پهـاڄ‘ چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ ان کي ’ساهيڙي‘ به چون. پهاڄ کـي اردوءَ ۾ ’سـوڪـن/ سـوتـن‘ ۽ هنـديءَ ۾ ’ســوتـن‘ چئـبــو آهـي. ”پـهـاڄ“ اڄوڪي دؤر ۾ هڪڙو ڪردار بنجي وئي آهي ۽ گهر ۾ کِٽ پٽ ۽ ڪلڪل جو اهڃاڻ آهي. ان حوالي سان پهاڄ جو تصور گهڻين شادين جي رواج سان لاڳاپيل آهي. قديم دور ۾ دنيا جي اڪثر قومن ۾ هڪ کان وڌيڪ شادين جو رواج هو. برصغير ۾ هندن ۾ اهو رواج رهيو آهي. پر هاڻي رڳو مسلمانن ۾ رهيو آهي.