پهاڙ: عام طرح جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ پهاڙ جي وصف اها بيان ڪئي وئي آهي تہ پٿرن جو اهو ڍڳ، جنهن جي اوچائي هڪ هزار فوٽن کان مٿي هجي. پهاڙ کي ڪوھہ ۽ جبل بہ چون ٿا. پهاڙ زمين مان ڦاٽي نڪتل هوندو آهي، پهاڙ تھن وارا ٿيندا آهن، جن ۾ معدنيات جو خزانو موجود هوندو آهي، جنهن ۾ گئس، تيل جا ذخيرا، سنگمرمر، جپسم وغيرہ شامل آهن. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: ”جبل“).